Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
جو مال ملي ويندو. مال جو پتو معلوم ڪرڻ کان پوءِ امانت رکڻ واري ان خراساني کان پڇيو: تون ته تمام نيڪ آدمي هئين ته هتي ڪيئن پهچي وئين؟ ان چيو: منهنجا ڪجهه رشتيدار خراسان ۾ هئا جن سان مون قطع تعلق ڪري (يعني رشتو ٽوڙي) رکيو هو اهڙي حالت ۾ منهنجو موت اچي ويو ان سبب سان الله پاڪ مون کي هي سزا ڏني ۽ هن مقام تي پهچائي ڇڏيو. ([1])
حضرت ابوهريره رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ صحابيءِ رسول آهن. پاڻ ماڻهن کي درس ڏيندا هئا، هڪ ڏينهن پاڻ ماڻهن کي حديثون ٻڌائي رهيا هئا، ان دوران فرمايائون: هر قاطع رحم (يعني رشتيداري ٽوڙيندڙ) اسان جي محفل مان اٿي وڃي. هي اعلان ٻڌي هڪ نوجوان اٿيو ۽ پنهنجي پڦي جنهن سان ان جو ڪيترن ئي سالن کان پراڻو جهيڙو هلي رهيو هو، ان جي گهر هليو ويو، وڃي معافي تلافي ڪئي، پڦي کي راضي ڪري ورتو. جڏهن ٻئي پاڻ ۾ راضي ٿي ويا ته پڦي چيو: پٽ! تون وڃي حضرت ابوهريره رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان سبب پڇو ته آخر ائين ڇو ٿيو؟ (يعني حضرت ابوهريره رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي اعلان جي حڪمت ڇا آهي؟) نوجوان حاضر ٿي حڪمت پڇي ته حضرت ابوهريره رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمايو: مون حضور انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ٻڌو آهي: جنهن قوم ۾ قاطع رحم (يعني رشتيداري ٽوڙيندڙ) هجي، ان قوم تي الله پاڪ جي رحمت نازل ناهي ٿيندي. ([2])