Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
روشن ٿيندو، پوءِ الله پاڪ چاهيو ته سجدن ۾ لذت به ايندي ۽ تلاوت ۾ دل به لڳندي رهندي. ان ڪري اڄ وقت آهي، سٺو اهو ئي آهي ته اڄ بلڪه هاڻي سچي پڪي توبھ ڪري وٺون، گناهه ڇڏي ڏيون ۽ پڪي نيت ڪري وٺون ته* هاڻي ڪڏهن به گناهه نه ڪنداسين* هاڻي اسان جي ڪا به نماز قضا نه ٿيندي *رمضان المبارڪ جا روزا به پورا رکنداسين * زڪوات فرض ٿيندي آهي ته اها به پوري پوري ادا ڪري ڇڏينداسين* چهري تي سنت مصطفيٰ بلڪه سنت انبياءِ يعني ڏاڙهي شريف به پوري هڪ مٺ سجائينداسين* فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا ٻڌڻ جي بجاءِ مدني چينل جا علم دين سان ڀرپور پروگرام ڏسندا رهنداسين * نعتون ٻڌندا رهنداسين * تلاوت ڪندا ۽ ٻڌندا رهنداسين. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!
توبھ ۽ استغفار سٺي زندگي جو ذريعو آهن
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
وَّ اَنِ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوْبُوْۤا اِلَیْهِ یُمَتِّعْكُمْ مَّتَاعًا حَسَنًا اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى وَّ یُؤْتِ كُلَّ ذِیْ فَضْلٍ فَضْلَهٗؕ-وَ اِنْ تَوَلَّوْا فَاِنِّیْۤ اَخَافُ عَلَیْكُمْ عَذَابَ یَوْمٍ كَبِیْرٍ(۳)(سيپارو: 11، هود: 3)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ هي ته پنهنجي رب کان معافي گهرو پوءِ ان جي طرف توبھ ڪيو ته اهو توهان کي هڪ مقرر مدت تائين تمام سٺو فائدو ڏيندو ۽ هر فضيلت واري کي پنهنجو فضل عطا ڪندو ۽ جيڪڏهن توهان منهن ڦيريو ته مان توهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف ڪيان ٿو.
تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: هن آيت ۾ فرمايو ويو ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي حڪم ڏين ته اي انسانو! پنهنجي گذريل گناهن جي معافي گهرو