Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
جيئڻ ختم ڪيو (يعني رشتو ٽوڙيو) پيو وڃي حالانڪه جن رشتيدارن سان صله رحمي جو حڪم آهي يعني رشتيدارن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم آهي، انهن سان رشتو ٽوڙي ڇڏڻ، سخت گناهه جو ڪم آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو رشتا ٽوڙيندو، الله پاڪ ان کي ٽوڙي ڇڏيندو آهي. ([1])
حضرت يحيٰ بن سليم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص جيڪو خراسان (موجوده ايران جي هڪ صوبي) جو رهاڪو هو ۽ هن مڪه مڪرمه ۾ رهائش اختيار ڪري رکي هئي، ماڻهو ان وٽ پنهنجون اَمانتون رکندا هئا، هڪ شخص ان وٽ 10 هزار اشرفيون امانت رکرائي پنهنجي ڪنهن ضرورت سان سفر تي هليو ويو، جڏهن هو واپس آيو ته خراساني فوت ٿي چڪو هو، ان جي اهل و عيال کان پنهنجي امانت جو حال پڇيو: ته انهن لاعلمي ظاهر ڪئي، امانت رکڻ واري علماءِ ڪرام کان پڇيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ انهن چيو: اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو خراساني جنتي هوندو، توهان ائين ڪريو جو اڌ يا ٽيون حصو رات گذرڻ کان پوءِ زمزم جي کوهه تي وڃي ان جو نالو وٺي آواز ڏيو ۽ ان کان پڇو. هن 3 راتيون ائين ئي ڪيو، اتان ڪو به جواب نه مليو، هن وري وڃي علماءِ ڪرام کي ٻڌايو، انهن اِنَّا لِلہِ وَ اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡن پڙهي چيو: اسان کي ڊپ آهي ته اهو شايد جنتي نه هجي توهان يمن هليا وڃو اتي برهوت نالي وادي ۾ هڪ کوهه آهي، ان تي پهچي اهڙي طرح آواز ڏيو، هن ائين ئي ڪيو ته پهرين ئي آواز ۾ جواب مليو ته مون توهان جي امانت گهر ۾ فلاڻي جاءِ تي دفن ڪئي آهي، ان جاءِ کي کوٽي وٺو توهان کي توهان