$header_html

Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log

لہٰذا اسان کي به همت ڪرڻ گهرجي! اڄ همت ڪنداسين، پنهنجي انا کي مٽائي، صبر جو ڍڪُ پي ناراضيون ختم ڪنداسين، صلح طرف وڌنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  دين ۽ دنيا جون ڀلائيون نصيب ٿينديون.

صلهءِ رحمي جا 10 فائدا

 حضرت ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمائن ٿا: صلهءِ رحمي ڪرڻ جا 10 فائدا آهن: (1) الله پاڪ جي رضا حاصل ٿيندي آهي (2) ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي (3) فرشتن کي مسرت ٿيندي آهي (4) مسلمانن طرفان ان شخص جي تعريف ٿيندي آهي (5) شيطان کي ان کان رنج پهچندو آهي (6) عمر وڌندي آهي (7) رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي (8) فوت ٿي ويل ابا ڏاڏا (يعني مسلمان والدين) خوش ٿيندا آهن (9) پاڻ ۾ محبت وڌندي آهي (10) وفات کان پوءِ ان جي ثواب ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، ڇو ته ماڻهو ان جي حق ۾ دعاءِ خير ڪندا آهن. ([1])

الله پاڪ اسان کي صلهءِ رحمي ڪرڻ وارو، رشتا جوڙڻ وارو، ماڻهن سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ وارو بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي. صلهءِ رحمي جو وڌيڪ ذهن بڻائڻ ۽ ان جي فضائل ۽ فائدن وغيره جي تفصيلي معلومات لاءِ امير اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دامت برڪاتهم العاليه جو نهايت خوبصورت  ۽ مختصر رسالو هٿوهٿ پڦيءَ سان صلح ڪري ورتي پڙهي وٺو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                               صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

 (3): زمين ۾ فساد پکيڙڻ

پيارا اسلامي ڀائرو! ماڻهو کي رحمت کان محروم ۽ بي وقعت بڻائي


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، باب صلۃ الرحم، صفحہ:74 خلاصۃً۔



$footer_html