Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
ڪجهه وقعت بڻائڻ چاهيون ٿا ته ان لاءِ پنهنجي زندگي جو هڪ اصول بڻائي وٺون ته اوهان جي ذريعي ڪڏهن به ڪنهن کي به ڪنهن به قسم جي برائي جي ترغيب نه ملي، اوهان جون ڳالهيون، اوهان جو عمل، اوهان جو ڪردار، اوهان جي چال ڍال، انداز، طور طريقا صرف ۽ صرف ڀلائي تي مبني هجن
Don’t be the key to evil be a lock
برائي جي چاٻي نه پر تالو بڻجو!
ڪلام جو خلاصو هي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي قرآن ڪريم پڙهي به هدايت نٿا حاصل ڪري سگهن، جيڪي نقصان کڻڻ وارا آهن، الله پاڪ جي رحمت کان محروم رهڻ وارا آهن، انهن جا 3 وڏا عيب آهن: (1) الله پاڪ جي نافرماني ڪندا آهن (2) رشتا ٽوڙيندا آهن (3) زمين ۾ فساد پکيڙيندا آهن. اسان الحمد لله! مسلمان آهيون، رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪلمو پڙهڻ وارا آهيون، اسان کي انهن ٽنهي عيبن کان بچڻو آهي، جيڪڏهن ائين ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جي رحمت جا حقدار بڻجنداسين، دل روشن ٿيندي، دل ۾ نورِ ايمان لهندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته دل سڌي رستي تي رهندي. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: (Dar-ul-Ifta Ahlesunnat) (دارالافتاء اهلسنت).