Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
فلاڻي مون سان تمام گهڻي زيادتي ڪئي آهي
جڏهن رشتا قائم ڪرڻ، جهيڙا ۽ ناراضيون ختم ڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته عام طور تي ماڻهو شڪايتون ڪندا آهن ته فلاڻي مون سان ائين ڪيو، هن مون کي هي ڏک پهچايو، اهو ظلم ڪيو، مان اهي ڏک ڪيئن وساريان، ان کي ڪيئن معاف ڪيان؟ اهڙن اسلامي ڀائرن کان هڪ سوال آهي؟ توهان جي قول مطابق فلاڻي توهان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، گهڻيون زيادتيون ڪيون آهن، ٿورو ٻڌايو! ڇا هن توهان کي کوهه ۾ وڌو آهي؟ ڇا ان جي ڪري توهان پنهنجي والدين کان پري ٿيا آهيو؟ ڇا ان جي ڪري توهان کي بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي؟ ڇا ان جي ڪري توهان کي ناحق جيل ڪاٽڻو پيو آهي؟ هي سڀ ڪجهه حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جي ڀائرن انهن سان ڪيو هو. ان جي باوجود جڏهن اهي ڀائر حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جي سامهون آيا ته پاڻ ڇا فرمايو هو؟
قَالَ لَا تَثْرِیْبَ عَلَیْكُمُ الْیَوْمَؕ- (سيپارو: 13، يوسف: 92)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اڄ توهان تي ڪا ملامت نه آهي.
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه ! ڇا شان آهي! حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جي ڀائرن بعد ۾ توبھ ڪري ورتي هئي، اهي سڀ هڪ نبي حضرت يعقوب عَلَيۡهِ السَّلَام جا پٽ ۽ هڪ نبي حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جا ڀائر ۽ سڀ وليُ الله هئا پر غور ته فرمايو! هنن کين ڪيترا ڏک پهچايا هئا، ان جي باوجود حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام جو ڪمال اخلاق ڏسو! پاڻ وٽ طاقت هئي، پاڻ عزيز مصر (يعني مصر جا بادشاهه) هئا، پاڻ چاهين ها ته انهن کان بدلو وٺي سگهيا پئي پر پاڻ انهن کي معاف فرمائي ڇڏيائون.