Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
هن آيت ڪريمه جو شانِ نزول ڪجهه هن طرح آهي ته حضرت ابوبڪر صِدِّيق، حضرت عمر فاروقِ اعظم ۽ حضرت مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُم ڪٿان کان گذري رهيا هئا، ان وقت منافقن جو سردار عبد الله بن اُبَي پنهنجن دوستن سان گڏ ويٺو هو، جڏهن هن انهن عالِي وقار حضرات کي ڏٺو ته پنهنجن دوستن کي چيائين: هاڻي ڏسجو مان ڪيئن انهن کي بيوقوف ٿو بڻايان (مَعَاذَ الله!) اهو چئي جلدي ۾ انهن صحابه ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي ويجهو پهتو، ان بدبخت منافقت جو اظهار ڪندي * حضرت صِدِّيقِ اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو هٿ پڪڙي چيو: خوش آمديد! 2. اوهان جنابِ صِدِّيق آهيو 2. بنو تميم جا سردار آهيو 2. شيخُ الْاِسْلام 2. رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا يارِ غار 2. پنهنجي جان ۽ پنهنجو مال حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن تي نثار ڪرڻ وارا آهيو * پوءِ هن حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جو هٿ پڪڙي چيو: خوش آمديد! 2. اوهان بنو عَدِّي جا سردار آهيو 2. فاروق لقب اٿوَ 2. دين ۾ ڏاڍا مضبوط آهيو 2. پنهنجي جان ۽ مال حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي قربان ڪرڻ وارا آهيو* اهڙي طرح هن حضرت علي المرتضيٰ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جون به ڪوڙيون تعريفون ڪيون، ان تي مولاءِ ڪائنات مولا علي رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمايو: اي منافق...! الله پاڪ کان ڊڄُ! منافقت ڇڏي ڏي، ڇو ته منافق سڀ کان بدتر آهن. عبد الله بن اُبَي وڏي ديده دليري سان چيو: اي علي! اوهان ائين ڇو ٿا چئو؟ اسان به اوهان وانگر ئي ايمان قبول ڪيو آهي. ان گفتگو کان پوءِ حضرات صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان اتان هليا ويا، عبد الله بن اُبَي منافق پنهنجن دوستن وٽ ويو ۽ صحابهءِ ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي بُرائي ۽ پنهنجي منافقت جون تعريفون ڪرڻ لڳو ان تي اهي آيتون نازل ٿيون.
الله پاڪ فرمايو:
وَ اِذَا لَقُوا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا
(سيپارو: 1، سورة بقره: 14)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جڏهن اهي ايمان وارن سان ملندا آهن.