Deen Ka Mazak Mat Banao

Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao

ڪندا آهيون، ائين ئي پٺيان به انهن جي تعريف ئي ڪريون نه ته خاموشي اختيار ڪري وٺون. هي ته صرف غيبت جي ڳالهه آهي، اسان کي هر اعتبار سان ئي ظاهر ۽ باطن جي تضاد کان بچڻ گهرجي.

حضرت خِضر عَلَيْهِ السَّلام جي نصيحت

هڪ ڀيري حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي حضرت خِضر عَلَیْهِ السَّلَام جي زيارت جو شرف مليو، پاڻ عرض ڪيائون: سائين! مون کي نصيحت فرمايو! حضرت خِضر عَلَیْهِ السَّلَام فرمايو: اِيَّاکَ يَا عُمَر! اَنْ تَکُوْنَ وَلِيًّا لِلّٰهِ فِي الْعَلَانِيَةِ وَ عَدُوًّا لَهٗ فِي السِّرِّ يعني اي عمر! ان ڳالهه کان بچجان ته تون ماڻهن جي سامهون ته الله پاڪ جو دوست هجين پر اڪيلائي ۾ ان جو دشمن بڻجي وڃين (يعني جهڙي طرح ماڻهن جي سامهون نيڪيون ڪندو آهين، ائين ئي اڪيلائي ۾ به نيڪيون ئي ڪر، اڪيلائي ۾ گناهن جو بازار گرم نه ڪر)، بيشڪ جنهن جو باطن ان جي ظاهر کان مختلف هجي، اهو منافقِ (عملي) آهي. اهو ٻڌي حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ايترو رُنا جو سندن ڏاڙهي مبارڪ آلي ٿي وئي.[1]

الله پاڪ اسان کي ظاهر ۽ باطن ۾ هڪ جهڙو بڻجڻ، اڪيلائي ۾ به، ماڻهن جي سامهون به هر جاءِ تي نيڪيون ئي نيڪيون ڪرڻ، گناهن کان هر وقت بچي رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!      صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(2): دين کي مذاق نه بڻايو!

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻيو سبق جيڪو انهن مبارڪ آيتن مان اسان کي سکڻ لاءِ مليو اهو هي آهي ته دين کي مذاق بڻائڻ، صحابهءِ ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان ۽ ديني رهنمائن جو مذاق اڏائڻ منافقن جو ڪم آهي. اهي ئي بدبخت آهن جيڪي ڪلمو به پڙهندا هئا، نمازون به پڙهندا هئا، روزا به رکندا هئا، صحابهءِ ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جون ڪوڙيون تعريفون به ڪندا هئا، پوءِ پنهنجين نجي مجلسن ۾ چوندا هئا:


 

 



[1]...تَنْبِیْهُ الْمُغْتَرِّین،صفحہ:35 ملتقطًا۔