Deen Ka Mazak Mat Banao

Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao

اذان جو گستاخ موت جي گھاٽ لهي ويو

اهڙي طرح اسان جي ملڪِ عزيز پاڪستان جو هڪ واقعو آهي، هڪ ڀيري رمضانُ المبارڪ جو مهينو هو، انهن مبارڪ گهڙين ۾ ڪجهه مغربي تهذيب کي پسند ڪرڻ وارا نالي جا مسلمان پنهنجن غير مسلم دوستن سان گڏ اسلام آباد جي مارگله ٽاور ۾ پهتا. افسوس! انهن نادانن کي ماهِ رمضان جي تقدس جو به ڪجهه خيال نه آيو ۽ انهن احترامِ رمضان کي بلڪل وساري شراب پيتو ۽ ناچ رنگ جي محفل ۾ مشغول ٿي ويا، هي نادان پنهنجي انجام کان بي خبر گناهن ۾ مشغول ئي هئا ته اوچتو خوفناڪ زلزلو آيو جنهن انهن عيش پرستن جي سموري مستين کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. بعد ۾ مارگله ٽاور جي ملبي مان هڪ شخص جو ڪٽيل سِر مليو، ڌڙ نه ملي سگهيو، هي جنهن جو سِر هو، ان جي ڪجهه سڃاڻڻ وارن ٻڌايو ته هي بدنصيب شخص اذان جي بي ادبي ڪندو هو، جڏهن اذان شروع ٿيندي هئي ته گانن جو آواز وڌيڪ وڌائي ڇڏيندو هو. الله پاڪ جي پناھ:

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!      صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مذاق ۾ ڳالهايا ويندڙ ڪفريه ڪلمات

پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي دين جو يا ديني شعائر (مثال طور جنت ۽ دوزخ، اذان ۽ نماز وغيره) جو مذاق بڻائڻ نهايت خوفناڪ جرم آهي پر افسوس...!! اڄڪلهه هي بيماري به اسان جي معاشري ۾ پکڙجندي پئي وڃي، علمِ دين جي ڏاڍي ڪمي آهي، مسلمان سڏائڻ وارا به ديني معلومات جي ڪمي سبب ڳالهين ڳالهين ۾ دين جو مذاق اڏائي ويهندا آهن * پاڻ ۾ چرچو ڀوڳ ڪندي * هڪٻئي کي چٽڪلا ٻڌائيندي (مَعَاذَ الله!) * ڪڏهن الله پاڪ جي توهين ڪندا آهن * ڪڏهن جنت ۽ دوزخ جو مذاق اڏايو ويندو آهي * ڪڏهن فرشتن ۽ جنتي حورن جو مذاق بڻايو ويندو آهي. اهڙا گهڻا ئي ڪفريه جملا آهن جيڪي ماڻهو مذاق مذاق ۾ ڳالهائي ويندا آهن، مثال طور * فلاڻي جي حرڪتن مان ته الله پاڪ به پريشان آهي (هي ڪفريه جملو آهي) *زبان دراز کي چئي ڇڏيندا آهن: خدا تنهنجي زبان جو مقابلو نه ٿو