Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي منافقن جو برو ڪردار ته هي بدبخت دين کي مذاق بڻائيندا آهن، دل ۾ ڪفر لڪائي زبان سان ڪلمو پڙهندا آهن ۽ هي آهي انهن جي بُرن عملن جي دردناڪ سزا ته انهن کي دنيا، قبر، قيامت هر جاءِ تي ذليل ۽ رسوا ڪيو ويندو. الله پاڪ اسان کي ايمان جي سلامتي نصيب فرمائي، ڪفر کان، نفاق کان ۽ هر طرح جي گناهن کان بچي رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! سيپارو 1، سورة بقره جي انهن ٻن آيتن (آيت 14 ۽ 15) مان اسان کي ڪيترائي سبق سکڻ لاءِ ملن ٿا:
(1): ٻِٽي چهري وارو نه بڻجو!
پهريون سبق ته اهو حاصل ٿيو ته اسان کي ظاهر ۾، باطن ۾، ماڻهن جي سامهون ۽ انهن جي پٺيان هڪ جهڙو رهڻ گهرجي. هي منافقن جو برو وصف آهي ته هي بدبخت ماڻهو صحابهءِ ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي سامهون انهن جون تعريفون ڪندا هئا، مخلص مسلمان هجڻ جا قسم کڻندا هئا پر پٺيان دين جو مذاق به اڏائيندا هئا ۽ صحابهءِ ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جون برايون به ڪندا هئا.
هي ڏاڍو برو وصف آهي، اسان کي هر وقت ان کان بچي رهڻ گهرجي. صحابيءِ رسول، حضرت ابوهريره رَضِيَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ماڻهن ۾ بدترين ٻانهو ذُوالْوَجْھَیْن (يعني ٻن چهرن وارو) آهي، جيڪو هڪ وٽ هڪ چهري سان ۽ ٻئي وٽ ٻئي چهري سان اچي ٿو[1] هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: بيشڪ جيڪو دنيا ۾ ٻن چهرن وارو هوندو، روزِ قيامت جهنم ۾ ان جون ٻه زبانون هونديون[2]