Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
وغيره سڀ اسلامي احڪام انهن تي جاري رهيا، ان مان هي سمجهيا ته اسان جي چالاڪي خوب هلي وئي پر جڏهن قبر ۾ پهچندا، تڏهن روئي روئي چوندا ته افسوس! اسان کي ڌوڪو ٿيو، اسان ڪجهه سمجهيو هو، ظاهر ڪجهه ٻيو ٿيو.[1]
الله پاڪ منافقن جي هن سزا جو هڪ ٻئي مقام تي هن طرح ذڪر فرمايو آهي:
یَوْمَ یَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَ الْمُنٰفِقٰتُ لِلَّذِیْنَ اٰمَنُوا انْظُرُوْنَا نَقْتَبِسْ مِنْ نُّوْرِکُمْ ۚ قِیْلَ ارْجِعُوْا وَرَآءَکُمْ فَالْتَمِسُوْا نُوْرًا ؕ فَضُرِبَ بَیْنَہُمْ بِسُوْرٍ لَّہٗ بَابٌ ؕ بَاطِنُہٗ فِیْہِ الرَّحْمَۃُ وَ ظَاھِرُہٗ مِنْ قِبَلِہِ الْعَذَابُ (۱۳(
(سیپارو:27 ، سورۀ حدید:13)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جنهن ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون مسلمانن کي چوندا ته اسان تي نظر ڪريو ته جيئن اسان توهان جي نور مان ڪجھ روشني حاصل ڪريون، چيو ويندو: توهان پنهنجي پوئين پيرين موٽي وڃو پوءِ اتي وڃي نور ڳوليو تڏهن انهن جي درميان هڪ ديوار ڏني ويندي، جنهن ۾ هڪ دروازو هوندو جنهن ۾ اندرين طرف رحمت ۽ ٻاهرين طرف عذاب هوندو.
هي قيامت جي ڏينهن جو منظر آهي، يعني جڏهن قيامت جو خوفناڪ ڏينهن ايندو، مخلص مسلمان ان ڏينهن ڪامياب ٿيندا، پُل صراط تان گذرندي وقت انهن جي ايمان ۽ نيڪ عملن جو نور انهن کي گهيري وٺندو، مخلص مسلمان ان نور جي روشني ۾ هلندي پُل صراط پار ڪري وٺندا، تڏهن منافق انهن کي پڪاريندا: اي مسلمانو! اسان تي به هڪ نظر ڪريو ته جيئن اسان توهان جي نور مان ڪجهه روشني حاصل ڪيون ۽ پُل صراط پار ڪري جنت ۾ پهچي وڃون. انهن کي چيو ويندو: توهان جتان آيا آهيو، اتي ئي وڃي نور تلاش ڪيو! منافق نور جي تلاش ۾ نڪرندا، انهن کي ڪٿي به نور نه ملندو، پوءِ مسلمانن ڏانهن موٽندا، ان وقت انهن جي ۽ مسلمانن جي وچ ۾ هڪ ڀِت بيهاري ويندي، ان ڀِت جي اندرئين پاسي جنت ۽ ٻاهر عذاب هوندو[2]