Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
* رات جو چين جي ننڊ اچي ويندي آهي، هي سڀ نعمتون آهن، اسان جي گناهن جي باوجود اسان کي ڏنيون پيون وڃن، هي مهلت آهي، اسان کي هن مهلت مان فائدو وٺڻ گهرجي، افسوس! جلد...!! ڏاڍو جلد ملڪ الموت عَلَیْهِ السَّلَام تشريف وٺي ايندا، روح کسيو ويندو، اسان کي آخري هڏڪي ايندي ۽ هي مهلت ختم ٿي ويندي، پوءِ جلد ئي غسال کي گهرائي ورتو ويندو، اسان کي آخري غسل ڏئي ڪفن پارايو ويندو، پوءِ جلد ئي اونداهي قبر ۾ لاٿو ويندو. پوءِ اسان توبه ڪرڻ چاهينداسين پر مهلت ختم ٿي چڪي هوندي، اسان نيڪ ڪم ڪرڻ چاهينداسين پر مهلت نه ڏني ويندي، اسان واپس دنيا ۾ اچڻ جي خواهش ڪنداسين پر هي تمنا پوري نه ڪئي ويندي.
حُجَّۃُ الْاِسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: بني اسرائيل جو هڪ مغرور شخص پنهنجي بند ڪمري ۾ هو، اوچتو هڪ شخص ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ان مغرور ماڻهو ڏانهن وڌيو، ان مغرور رڙ ڪري چيو: تون ڪير آهين؟ ۽ توکي اندر اچڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ايندڙ شخص چيو: مون کي هن گهر جي مالڪ اجازت ڏني ۽ مان اهو آهيان جنهن کي ڪو دربان نه ٿو روڪي سگهي، مون کي بادشاهن کان به اجازت وٺڻ جي ضرورت نه هوندي آهي، نه مون کي ڪنهن جو دٻدٻو ڊيڄاري سگهي ٿو، نه ئي مون کان ڪو مغرور ۽ سرڪش بچي سگهي ٿو. اهو ٻڌي اهو مغرور ماڻهو خوف سان ڏڪندو منهن ڀر ڪري پيو، پوءِ انتهائي ذلت سان منهن مٿي ڪري چيائين: اوهان ملڪ الموت عَلَیْهِ السَّلَام لڳو ٿا؟ فرمايائون: ها! مان ملڪ الموت آهيان. ان عرض ڪيو: ڇا مون کي مهلت ملي سگهي ٿي ته جيئن توبه ڪري نيڪين جو عهد ڪيان؟ فرمايائون: نه، تنهنجا پساھَ پورا ٿي چڪا آهن. چيائين: مون کي ڪٿي وٺي ويندا؟ فرمايائون: ان مقام تي جتي تو اعمال موڪليا آهن ۽ ان گهر ڏانهن جيڪو تو تيار ڪيو آهي. چيائين: افسوس! مون نه ڪي نيڪيون اڳتي موڪليون آهن نه ئي ڪو سٺو گهر تيار ڪيو آهي. ملڪ الموت عَلَیْهِ السَّلَام فرمايو: پوءِ ته توکي ان ڀڙڪندڙ باهه ڏانهن وٺي وڃبو جيڪا تنهنجو جسم و جان ساڙي ڇڏيندي.