Deen Ka Mazak Mat Banao

Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao

ڇا ٿيو؟ ڇا انهن تي آسمان مان پٿر وسيا؟ ڇا اهي زمين ۾ دٻجي ويا؟ نه...!! بلڪه (فَتَحْنَا عَلَيْهِمْ أَبْوَابَ كُلِّ شَيْءٍ)انهن لاءِ هر طرح جي نعمتن جا دروازا کولي ڇڏيا ويا، انهن وٽ مال ۽ دولت، دنيوي عيش ۽ عشرت جي ڪا ڪمي نه رهي، هاڻي گهرجي ها ته هي الله پاڪ جي هن مهلت مان فائدو وٺن ها، انهن کي گناهن جي باوجود نعمتون ڏنيون پئي ويون، گهرجي ها ته هي ڊڄي وڃن ها، شڪر جي جذبي سان سر جهڪائي وٺن ها پر افسوس! هي پهرين کان وڌيڪ غفلت ۾ پيا، فخر ۽ تڪبر جو شڪار ٿيا، پوءِ ڇا ٿيو؟ (أَخَذْنَاهُم بَغْتَةً)انهن تي اوچتو عذاب آيو، الله پاڪ جو قهر وسيو ۽ هي تباهه ۽ برباد ٿي ويا.

مهلت مان فائدو وٺي وٺو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي الله پاڪ جي ڳجهي تدبير آهي، الله ڪريم پنهنجن ٻانهن کي مهلت ڏيندو آهي * نمازِ فجر ادا نه ڪئي، پوءِ به ڏينهن سٺو گذري ويو، هي مهلت آهي * رات جو فلمون ڏسندي ڏسندي سمهي رهيا، صبح جو پوءِ به تندرست اٿيا، هي مهلت آهي * ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، ماپ تور ۾ ڪمي ڪندا آهن ۽ وڏي دليري سان چوندا آهن: ميان ڪوڙ نه ڳالهايون ته ڪاروبار نه ٿو هلي (اَسْتَغْفِرُ الله!)، غور ڪرڻ گهرجي! الله پاڪ جي نافرماني ڪئي، دڪان پوءِ به سٺو هلي رهيو آهي، هي الله پاڪ جي ڏنل مهلت آهي * هٿ گناهه ڏانهن وڌندا آهن، پوءِ به سلامت رهندا آهن * ڪَن گناهن ڀريون ڳالهيون ٻڌندا آهن پر ٻڌڻ جي طاقت کسي نه ٿي وڃي * اک برائي ڏسندي آهي ، انڌي نه ٿي ٿئي * پيرَ برائي ڏانهن وڌندا آهن، پوءِ به سلامت رهن ٿا*زبان مان ڪوڙ، غيبت، چغلي، نه ڄاڻ ڪهڙا ڪهڙا گناهه ڪيا ويندا آهن، ان جي باوجود ڳالهائڻ جي طاقت بحال رهي ٿي * مطلب ته اسان ڏينهن رات الله پاڪ جون نافرمانيون ڪندا آهيون * مٿي کان وٺي پيرن تائين گناهن جي گندگي ۾ لٿڙيل پيا آهيون، ان جي باوجود زمين ڦاٽي نه ٿي، آسمان مان پٿر نه ٿا وسن...!! هي الله پاڪ جي ڏنل مهلت آهي. * اسان جي جسم ۾ روح موجود آهي * ساھ هلي رهيو آهي * ٽن وقتن جو کاڌو ملي رهيو آهي