Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، اچو! هڪ شرعي مسئلو ٻڌون ٿا:
(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلطي جي نشاندهي)
مسئلو: جنهن جاءِ تي ميت کي غسل ڏنو وڃي ان جاءِ تي اگر بتي يا ميڻ بتي ٻارڻ ضروري ناهي.
وضاحت: عوام ۾ مشهور آهي ته جنهن جاءِ تي ميت کي غسل ڏنو وڃي اتي 40 ڏينهن تائين اگر بتي ٻارڻ گهرجي، ائين ناهي. جنهن جاءِ تي ميت کي غسل ڏنو وڃي اتي بنا ضرورت هڪ لمحي لاءِ به اگر بتي يا شمع وغيره ٻارڻ، بنا وجهه مال ضايع ڪرڻ آهي، جيڪو جائز ناهي.[1] حديث پاڪ ۾ آهي: نَهَى النَّبِيُّ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم عَنْ اِضَاعَةِ الْمَالِ يعني رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن مال ضايع ڪرڻ کان منع فرمايو.[2] ها! ان سوچ تحت نه بلڪه ائين ئي خوشبو حاصل ڪرڻ لاءِ غسلِ ميت واري جاءِ تي يا ڪٿي ٻئي هنڌ اگر بتي ٻاريون ته ان ۾ حرج ناهي.
الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اَسْمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)
یَاعَلِیْمُ
جيڪو ڪوئي یَاعَلِیْمُ گهڻو پڙهندو، الله پاڪ ان کي دين ۽ دنيا جي معرفت عطا فرمائيندو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم![3]
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم