Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
افسوس! اڄڪلهه معاشري ۾ هي ڳالهه ڏاڍي عام ٿي وئي آهي، ماڻهو سامهون ڀلي تعريفون ڪري رهيا هجن پر پٺيان ٻين جون بُرايون ڪندا آهن. صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اسان بارگاھِ رسالت ۾ حاضر هئاسين، ان دوران هڪ ماڻهو اتان اٿي هليو ويو، ان جي وڃڻ کان پوءِ هڪ شخص ان جي برائي ڪئي ته رسولِ رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: خلال ڪيو! ان عرض ڪيو: ڪهڙي سبب خلال ڪيان، مون گوشت ته نه کاڌو آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ تو پنهنجي ڀاءُ جو گوشت کاڌو (يعني غيبت ڪئي) آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ هي انداز ملي ٿو، جڏهن ڪنهن سان ملندا آهيون يا ڪو مجلس ۾ ويٺو هجي ته ان سان ڏاڍيون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندا آهيون پر جڏهن اهو اٿي هليو وڃي ته ان جي برائين ۽ غيبتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، مثال طور چون ٿا: * يار! هو ويو، جان ڇٽي * هن ته بور ڪري ڇڏيو هو * ڏيڍ هوشيار آهي * ٿورو چالاڪ، ٽيڏو آهي.[2]
ياد رکو! پٺيان برائيون ڪرڻ جو هي انداز غيبت آهي ۽ غيبت انتهائي نقصان ڏيندڙ بيماري آهي * غيبت ايمان کي ڪٽي رکي ڇڏيندي آهي * غيبت بري خاتمي جو سبب آهي* گهڻي غيبت ڪندڙ جي دعا قبول نه ٿيندي آهي * غيبت نيڪين کي ساڙي ڇڏيندي آهي * غيبت ڪندڙ جيڪڏهن توبه ڪري به وٺي، تڏهن به سڀ کان آخر ۾ جنت ۾ داخل ٿيندو، مطلب ته غيبت گناھِ ڪبيره، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.[3]
بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي ظاهر ۽ باطن ۾ هڪ جهڙو ئي بڻجي رهڻ گهرجي، جهڙي طرح ماڻهن جي سامهون مٺيون مٺيون ڳالهيون