Deen Ka Mazak Mat Banao

Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao

ڪري سگهي، مان ڪيئن ڪيان؟ (هي به ڪفريه جملو آهي) * اهڙي طرح رشوت وغيره حرام ڪمائي کي ڪڏهن مذاق ۾ چئي ڇڏيندا آهن: هَـٰذَا مِن فَضْلِ رَبِّي (ترجمو ڪنز العرفان: هي منهنجي رب جي فضل مان آهي.[1] هي به ڪفريه جملو آهي * ڪو طبيعت پڇي ته ڪي بي باڪ چئي ڇڏيندا آهن: نَصْرٌ مِّنَ اللهِ وَ ٺِيۡڪ، هي به ڪفريه جملو آهي ڇو ته ان ۾ قرآني آيت:     نَصْرٌ مِّنَ اللَّهِ وَفَتْحٌ قَرِيبٌ جو مذاق اڏايو ويو آهي[2] * ڪي بي باڪ نوجوان چوندا آهن: چڱو آهي، جهنم ۾ وينداسين، فلمي اداڪار به ته اتي ئي هوندا، هي به ڪفريه جملو آهي.[3] اهڙي طرح ٻيا به گهڻا ڪفريه جملا آهن جيڪي مذاق ۾ ڳالهايا ويندا آهن. الله پاڪ اسان کي اهڙين بي باڪين کان محفوظ فرمائي.

شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا الياس عطار قادري    دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو ڏاڍو پيارو ڪتاب آهي: ڪفريه ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب. هي ڪتاب ته هر گهر بلڪه هر فرد جي ضرورت آهي، ان ۾ عام طور تي ڳالهايا ويندڙ گهڻن ئي ڪفريه ڪلمات جي معلومات آهي. هي ڪتاب لازمي حاصل ڪيو! ان کي پڙهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان جي حفاظت جو ذهن بڻجي ويندو.

(3): مهلت مان فائدو وٺو!

پيارا اسلامي ڀائرو! انهن مبارڪ آيتن مان ٽيون سبق جيڪو اسان کي سکڻ لاءِ مليو اهو هي آهي ته الله پاڪ منافقن جي سزا بيان ڪندي فرمايو:

وَ یَمُدُّھُمْ  فِیْ طُغْیَانِہِمْ یَعْمَہُوْنَ (۱۵)

(سیپارو:1 ، سورۀ بقرہ:15)

ترجموڪنزُ العرفان: ۽ (هاڻي) هو انهن کي مهلت ڏئي رهيو آهي ته اهي پنهنجي سرڪشي ۾ ڀٽڪندا رهن.


 

 



[1]...پارہ:19، سورۂ نمل، آیت:40۔

[2]...کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب،صفحہ:180و 182 ملتقطاً۔             

[3]...کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب،صفحہ:499۔