Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
اهو چئي ملڪ الموت عَلَیْهِ السَّلَام ان جو روح قبض ڪري ورتو ۽ اهو مئل ٿي ڪري پيو.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان وٽ مهلت جا ڏينهن آهن، اسان کي انهن مان فائدو وٺڻ گهرجي، اهي منافق هئا جو انهن کي مهلت ڏني وئي پر انهن فائدو نه ورتو بلڪه غفلت ۽ سرڪشي ۾ وڌيڪ اڳتي وڌندا ويا، اسان اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مسلمان آهيون، اسان جي دلين ۾ ايمان جو نور موجود آهي، اسان کي گهرجي ته غفلت مان بيدار ٿيون، مهلت جي ڏينهن جو فائدو وٺون، گناهن کان سچي پڪي توبه ڪيون ۽ آئنده نيڪ ڪمن ۾ زندگي گذارڻ جي پوري ڪوشش شروع ڪري ڏيون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: نيڪ اعمال (Naik Amal) هي ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪريو، هن ايپلي ڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ طالبِ علمن جي لاءِ الڳ، الڳ، رسالا موجود آهن * ان کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي بنگالي * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو * هن ۾ مختلف نيڪ اعمال تي مشتمل سوالات ڏنا ويا آهن * هر سوال جي هيٺ 30 خانا آهن، روزانو پنهنجي مرضي جو ڪو به وقت مُقرر ڪري پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو، هن جي مطابق زندگي گذاريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن جي برڪت سان گناھن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو، نکريل نکريل، خوبصورت ٿي ويندو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد