Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
اِنَّمَا نَحْنُ مُسْتَہْزِءُوْنَ (۱۴)
(سیپارو:1 ، سورۀ بقرہ:14)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اسان ته رڳو کِل ڀوڳ ڪندا آهيون
اسان کي گهرجي ته اهڙي بدتميزي کان هميشه پري رهون.
ديني ڳالهين جو مذاق اڏائڻ سخت ترين جرم آهي
ياد رکو! ديني ڳالهين جو مذاق اڏائڻ انتهائي سخت جرم آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اِذَا عَلِمَ مِنْ اٰیٰتِنَا شَیْئَان ِاتَّخَذَھَا ھُزُوًا ؕ اُولٰٓئِکَ لَہُمْ عَذَابٌ مُّہِیْنٌ ؕ(۹)
(سیپارو:25 ، سورۀ جاثیه:9)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جڏهن ان کي اسان جي آيتن مان ڪنهن جي خبر پوندي آهي ته ان کي کِلَ ڀوڳ ٺاهي وٺندو آهي، انهن جي لاءِ خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي.
اذان جو مذاق بڻائڻ واري جو برو انجام
اهڙي طرح هڪ مقام تي ارشاد ٿئي ٿو:
وَ اِذَا نَادَیْتُمْ اِلَی الصَّلٰوۃِ اتَّخَذُوْھَا ھُزُوًا وَّ لَعِبًا ؕ ذٰلِکَ بِاَنَّہُمْ قَوْمٌ لَّا یَعْقِلُوْنَ (۵۸)
(سیپارو:6 ، سورۀ مائدہ:58)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جڏهن توهان نماز جي لاءِ اذان ڏيندا آهيو ته هي ان کي کِل مذاق ۽ راند بڻائيندا آهن اهو ان ڪري ڪن ٿا جو اهي بلڪل بي عقل ماڻهو آهن.
مفسرينِ ڪرام فرمائن ٿا: مديني پاڪ ۾ هڪ غير مسلم هو، جڏهن مؤذن اذان ۾ اَشْهَدُ اَنْ لَّا اِلٰهَ اِلَّا اللهُ ۽ اَشْهَدُ اَنَّ مُحَمَّدًا رَّسُولُ الله چوندو هو ته هي بدبخت اذان جو مذاق اڏائيندي چوندو هو: سڙي وڃي ڪوڙو. ان جي هن گستاخي جي سزا ان کي هيئن ملي جو هڪ ڀيري ان جو خادم رات جو باهه کڻي آيو، گهر ۾ سڀ ستا پيا هئا، اوچتو باهه مان هڪ چڻنگ اڏامي، جنهن سان پوري گهر کي باهه لڳي وئي، ايئن اهو غير مسلم ۽ ان جو پورو گهر سڙي ويو[1]