Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao
معلوم ٿيو؛ هن دنيا ۾ گناهن ۽ برائين جي باوجود مهلت ملي وڃڻ به هڪ سزا آهي، بدبخت آهي اهو ٻانهو جيڪو هن مهلت مان ڌوڪو کائي ٿو ۽ خوش نصيب آهي اهو شخص جيڪو مهلت مان فائدو وٺي توبه جو رستو اختيار ڪري ٿو. مولانا رومي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:
تُو مَشَوْ مَغْرُور بَر حِلْمِ خُدا
دَیْر گِیْرَدْ سَخْت گِیْرَدْ مَرتُرا
مفہوم: يعني الله پاڪ حلم وارو آهي، ان جي حلم کي ڏسي مغرور نه ٿي وڃجان ته الله پاڪ جيتوڻيڪ گناهن تي فوراً پڪڙ ناهي فرمائيندو پر جڏهن پڪڙ فرمائيندو آهي، سختي سان فرمائيندو آهي.
دنيوي عيش ۽ آرام: انعام يا سزا...؟؟
پيارا اسلامي ڀائرو! هي قانونِ قدرت آهي، گناهن تي فوراً پڪڙ نه ٿيندي آهي، مهلت ڏني ويندي آهي، قرآنِ ڪريم ۾ گذريل قومن متعلق ارشاد ٿيو:
فَلَمَّا نَسُوْا مَا ذُکِّرُوْا بِہٖ فَتَحْنَا عَلَیْہِمْ اَبْوَابَ کُلِّ شَیْءٍ ؕ حَتّٰۤی اِذَا فَرِحُوْا بِمَاۤ اُوْتُوْۤا اَخَذْنٰہُمْ بَغْتَۃً فَاِذَا ہُمْ مُّبْلِسُوْنَ (۴۴)
(سیپارو:7 ، سورۀ انعام:44)
ترجموڪنزُالعرفان: پوءِ جهن انهن هنن نصيحتن کي ويساري ڇڏيو جيڪي انهن کي ڪيو ويون هيون پوءِ اسان انهن تي هر شيءِ جا دروازا کولي ڇڏيا ايستائين جو جڏهن اهي ان تي خوش ٿي ويا جيڪي انهن کي ڏنيون ويون پوءِ اسان انهن کي اوچتو پڪڙي ورتو سو اهي هاڻي مايوس آهن.
الله! الله!* پوئين امتن ڏانهن نبي موڪليا ويا *انبياءِ ڪرام عَلَيْهِمُ السَّلام انهن کي نصيحت فرمائي پر انهن وساري ڇڏي *انهن کي ايمان قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي، انهن نه مڃيو *انهن کي نيڪ عملن جي نصيحت ڪئي وئي، انهن توجھ نه ڪئي *انهن کي عبادت جي ترغيب ڏياري وئي، انهن نصيحت نه مڃي، اُبتو گناهن جو بازار گرم رکيو... پوءِ