Deen Ka Mazak Mat Banao

Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao

يعني هي بدبخت منافق رستي هلندي يا ائين ئي ڪٿي سچن، پڪن، مخلص مسلمانن سان ملندا آهن ته:

قَالُوْۤا اٰمَنَّا ۚۖ

(سیپارو:1 ، سورۀ بقرہ:14)

ترجموڪنزُ العرفان: چوندا آهن: اسان ايمان آڻي چڪا آهيون

اها به منافقن جي نفاق جي هڪ علامت آهي، هي ماڻهو بار بار قسم کڻي کڻي پنهنجي ايمان جو ماڻهن کي يقين ڏياريندا هئا، پر ماڻهن کي انهن جي قَسمن جو يقين نه ايندو هو، جڏهن ته پڪا، سچا، مخلص مسلمان جيڪي سچي دل سان ايمان آڻيندا آهن، انهن کي ڪڏهن اهڙا قسم کڻڻ، بار بار پنهنجي ايمان جو يقين ڏيارڻ جي ضرورت نه پوندي آهي. مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: خالص مشڪ تعريف جو محتاج نه هوندو آهي، اهڙي طرح مخلص مسلمان کي قَسم کڻڻ جي ضرورت نه پوندي آهي، انهن جو نورِ ايمان پاڻ مرادو پنهنجي جلوه گري ڏيکاريندو آهي خير! هي منافق هئا جيڪي صحابهءِ ڪرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان جي سامهون ايمان جو اظهار ۽ اقرار ڪندا هئا پر

وَ  اِذَا خَلَوْا اِلٰی شَیٰطِیْنِہِمْ ۙ

(سیپارو:1 ، سورۀ بقرہ:14)

ترجموڪنزُ العرفان: ۽ جڏهن پنهنجي شيطانن وٽ اڪيلائي ۾ ويندا آهن

هتي شيطانن مان مراد انهن منافقن جا وڏا سردار ۽ اهي غير مسلم آهن، جيڪي ٻين کي گمراه ڪرڻ ۾ مصروف رهندا هئا.[1] هي منافق به انهن جي اشارن تي هلندا هئا، پوءِ جڏهن منافق پنهنجن انهن شيطان سردارن وٽ ويندا هئا ته

قَالُوْۤا اِنَّا مَعَکُمْ ۙ اِنَّمَا نَحْنُ مُسْتَہْزِءُوْنَ (۱۴(

 (سیپارو:1 ، سورۀ بقرہ:14)

ترجموڪنزُالعرفان: ته چوندا آهن اسان توهان سان گڏ آهيون، اسان ته رڳو کِل ڀوڳ ڪندا آهيون

  يعني اي دوستو! اسان جي ظاهري برتاءُ مان ڌوڪو نه کائجو، اسان ته مسلمانن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ اهي حرڪتون ڪندا آهيون، اسان جون


 

 



[1]...تفسیرِ صراط الجنان،پارہ:1 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:14 ،جلد:1 ،صفحہ:80۔