Deen Ka Mazak Mat Banao

Book Name:Deen Ka Mazak Mat Banao

دليون توهان سان گڏ آهن، مسلمانن سان هي ظاهري ورتاءُ صرف ان لاءِ آهي ته جيئن اسان انهن سان گڏ رهون، انهن کان مالِ غنيمت حاصل ڪيون ۽ انهن جا راز معلوم ڪري توهان تائين پهچايون[1]

اللهُ اَڪْبَر! انهن بدبختن جي جرئت ڏسو! * ڪلمو پڙهن ٿا پر ڇاجي لاءِ؟ مذاق طور * قسم کڻي مسلمانن کي پنهنجي ايمان جو يقين ڏيارين ٿا، ڇا جي لاءِ؟ مذاق طور* پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم زندگي جو درس ڏين ٿا، هي بدبخت ٻڌن ٿا پر ڪيئن؟ مذاق طور         * نمازون پڙهن ٿا، ڪيئن؟ چرچي طور* ٻيون عبادتون ڪن ٿا، ڪيئن؟ مذاق طور....!! لَاحَوْلَ وَلَاقُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ!

الله پاڪ اهڙن بي دينن جي شر کان اسان کي محفوظ فرمائي. انهن بدبختن دين کي مذاق بڻايو، الله پاڪ فرمائي ٿو:

اَللّٰہُ یَسْتَہْزِئُ بِہِمْ وَ یَمُدُّھُمْ  فِیْ طُغْیَانِہِمْ یَعْمَہُوْنَ (۱۵(

(سیپارو:1 ، سورۀ بقرہ:15)

ترجموڪنزُ العرفان: الله انهن جي ان کِل ڀوڳ جو انهن کي بدلو ڏيندو ۽ (هاڻي) هو انهن کي مهلت ڏئي رهيو آهي ته اهي پنهنجي سرڪشي ۾ ڀٽڪندا رهن.

هي قانونِ قُدرت آهي ته جيڪو جهڙي قسم جو جُرم ڪندو آهي، ان کي سزا به اهڙي قسم جي ڏني وڃي ٿي. منافقن (مَعَاذَ الله!) دين کي مذاق بڻايو ته الله پاڪ انهن کي سزا به اهڙي ئي ڏني. * انهن بدبختن دين جي معاملي ۾ چالاڪي ڏيکاري، الله پاڪ هر جاءِ تي انهن کي ذليل ۽ رسوا ڪيو * دنيا ۾ انهن جي ڪا عزت نه رهي * قبر ۽ آخرت ۾ سخت رسوائيون کڻندا * هنن زبان سان ڪلمو پڙهيو، دل ۾ ڪفر لڪايو، جيئن انهن جو ظاهر ڪجهه ٻيو ۽ باطن ڪجهه ٻيو آهي، اهڙي طرح انهن سان الله پاڪ جو معاملو به دنيا ۾ ڪجهه ٻيو آهي، آخرت ۾ ڪجهه ٻيو هوندو. 2. دنيا ۾ انهن کي ڍرَ ڏني وئي 2. ظاهري طور تي انهن تي سڀ اسلامي احڪام جاري رهيا 2. نه انهن کي مسجدن ۾ اچڻ کان روڪيو ويو 2. نه اسلامي ڪمن ۾ شرڪت کان انهن کي منع ڪيو ويو 2. مرڻ کان پوءِ ڪفن، دفن


 

 



[1]...تفسیرِ نعیمی،پارہ:1 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:14 ،جلد:1 ،صفحہ:182 بتغیر قلیل۔