Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

* زبان * وات * هٿ * پير * هي جسم * هي جان * هي ساھ * زِندگي * هي ساريون نعمتون ڪير عطا فرمائي ٿو؟ الله پاڪ ئي عطا فرمائي ٿو * اهو ڪهڙو لمحو آهي جڏهن ٻانهي تي الله پاڪ جي نعمتن جي برسات ناهي ٿيندي؟ اسان هر هر لمحي الله پاڪ جون محتاج آهيون * لهٰذا هر هر گھڙي الله پاڪ جي مدد ۽ نُصرت جي ضرورت آهي* لهٰذا جڏهن کاڌو ملندو ته تَوَجُّھ ڪنهن پاسي هوندي؟ الله پاڪ جي طرف  *جڏهن ڪنهن شيء ڏانهن هٿ وڌندو، ان کي اسان پڪڙينديون سين ته تَوَجُّھ ڪنهن طرف هوندي؟ الله پاڪ جي طرف * جڏهن نگاھ اٿندي، اسان رنگ برنگي دُنيا جو نظارو ڪري سگھنديون سين ته تَوَجُّھ ڪنهن ڏانهن ويندي؟ الله پاڪ ڏانهن * لهٰذا ٻانهو هر وقت، هر گھڙي الله پاڪ جي طرف تَوَجُّھ رکڻ، الله پاڪ جي يادن ۾ رهڻ جو محتاج آهي ۽ هي ئي اها ڪيفيت آهي جنهن کي مُرَاقبو چيو ويندو آهي.

صراطِ مستقيم جي دُعا

هاڻي جڏهن ماڻهو الله پاڪ کي به سڃاڻي وٺي ٿو، پنهنجو پاڻ کي به سڃاڻي وٺي ٿو، هاڻي عرض ڪري ٿو:

اِهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِیْمَۙ(۵) صِرَاطَ الَّذِیْنَ اَنْعَمْتَ عَلَیْهِمْ ﴰ غَیْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَیْهِمْ وَ لَا الضَّآلِّیْنَ۠(۷)  

(پاره:1،سورت فاتحه:5تا7)

ترجموڪنزُ العرفان: اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ. انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو احسان ڪيو. نه انهن جو رستو جن تي غضب ٿيو نه گمراهن جو.

يعني اي الله پاڪ! مون کي صراطِ مستقيم تي قائِم رک، منهنجي سڄي زِندگي صراطِ مستقيم تي ئي گذري، شيطان، نفسِ اَمَّاره ڪنهن وقت مون کي صراطِ مستقيم کان ورغلائي نه سگھن ۽ مان هميشه تنهنجي انعام يافته ٻانهن جي راهن تي هلندي رهان۔