Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

غذا آهي (5): شين؛ شهيق جو پهريون اکر آهي، هن جي معني آهي: جهنمين جو آواز (6): ظا؛ ظلم جو پهريون اکر آهي ۽ (7): فا؛ فراق جو پهريون اکر آهي ۽ فراق جي معني آهي: دُوري۔

امام فخر الدِّين رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جهنّم جا 7 دروازا آهن ۽ سورت فاتحه ۾ عذاب تي دلالت ڪرڻ وارا 7 اکر ذِڪر ناهي ڪيا ويا، هي هن طرف اشارو آهي ته جيڪو شخص سورت فاتحه پڙھي، دِل سان ان تي ايمان رکي، ان جي حقن کي سڃاڻي هو جهنّم جي ستن دروازن کان محفوظ رهندو۔([1])

سورت فاتحه سورت شفا آهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سورت فاتحه جي خصوصيتن ۽ ان جي فضيلتن مان هڪ هي ڳالھ به آهي ته سورت فاتحه سورتِ شفا آهي۔ هونئن ته سڄو قرآنِ مجيد ئي شفا آهي، ارشاد آهي:

وَ نُنَزِّلُ مِنَ الْقُرْاٰنِ مَا هُوَ شِفَآءٌ وَّ رَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِیْنَۙ-  (پاره:15،سورت بني اسرائيل:82)

ترجموڪنزُالعرفان: اسان قرآن ۾ اها شيءِ نازل ڪيون ٿا جيڪي ايمان وارن جي لاءِ شفا ۽ رحمت آهي.

البته سورت فاتحه کي خصوصيت سان سورت شفا چيو ويو آهي۔ جيئن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هيَ اُمُّ الْڪِتَابِ وَهِيَ شِفَاءٌ مِّنْ ڪُلِّ دَاءٍ يعني سورت فاتحه اُمُّ الڪتاب (قرآنِ مجيد جي اَصل) آهي ۽ هن ۾ هر بيماري جي شفاء آهي۔([2])

وڇون جي ڏنگ جو ڦيڻو

بُخاري ۽  مسلم ۾ روايت آهي، جنهن جو خُلاصو ڪجھ هيئن آهي ته هڪ


 

 



[1]...تفسیرِ کبیر، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:160و161۔

[2]... تفسیر در منثور، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:15۔