Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
فرمايائون: فَمَنْ لَمْ يَشْفِهِ الْقُرْآنُ فَلَا شَفَاهُ اللهُ يعني جنهن کي قرآن مان به شفا نه ملي، ان کي الله پاڪ شفا ناهي ڏيندو۔ ([1])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڏسو! قرآنِ ڪريم خاص ڪري سورت فاتحه جي ذريعي علاج ڪرائڻ بابت ڪيتري واضِح حديثِ پاڪ آهي۔ اسان کي ذِهن بنائڻ گھرجي۔ بُخار هجي * مٿي ۾ درد هجي * جسم ۾ ڪٿي درد هجي * شوگر، ڪوليسٽرول * دِل جون بيماريون، ڪينسر مطلب ڪا به ننڍي کان ننڍي يا وڏي کان وڏي بيماري هجي، قرآنِ شريف جي ذريعي عِلاج ڪريو! اِنْ شَاءَ اللهُ الْڪَرِيْم! الله پاڪ ڪرم فرمائيندو ۽ الله پاڪ چاهيو ته شفا ملي ئي ويندي۔
دعوتِ اسلامي ۽ شُعبه روحاني علاج
الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت شعبه روحاني علاج ۾ پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکايل اُمَّت جي غمخواري جي لاءِ کوڙ اسلامي ڀائر مختلف هنڌن تي بسته لڳائين ٿا ۽ روزانو لکين مريضن کي تعويذات ڏين ٿا، استخارو ڪن ٿا ۽ اوراد و وظائِف ٻڌائن ٿا۔ مدني چينل تي روحاني علاج پروگرام به نشر ڪيو ويندو آهي۔ جنهن ۾ استخارو به ڪيو ويندو آهي ۽ مريضن، پريشان حالن کي اوراد و وظائف به ٻڌايا ويندا آهن۔
سورت فاتحه ۾ هر مسئلي جو حل آهي
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سورت فاتحه ۾ صِرف جسماني بيمارين جي لاءِ ئي عِلاج نه آهي بلڪه هن ۾ هر مسئلي جو حل آهي۔ حضرت عطاء رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن کي ڪا حاجت هجي، هو سورت فاتحه جي تِلاوت ڪري، هن جي برڪت سان حاجت پُوري ٿي ويندي۔([2]) عالم سڳورا فرمائن ٿا: 100 ڀيرا سورت فاتحه پڙھي جيڪا به دُعا گھري وڃي، قبول ٿيندي آهي۔