Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

سورت جا مضمون ٻين سُورتن جي نسبت گھڻا اعليٰ آهن، مثال طور تي سورت لَهب ۾ ابولهب ڪافِر جو تذڪرو آهي ۽ سورت اِخلاص ۾ الله پاڪ جي وحدانيت جو بيان آهي، عام سمجھ ۾ اچڻ واري ڳالھ آهي ته ابولهب ڪافِر جو ذِڪر ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي وحدانيت جو بيان ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، هونئن سورت لَهب به الله پاڪ جو ڪلام آهي، سورت اِخلاص به الله پاڪ جو ڪلام آهي، هن حيثيت سان ٻئي برابر آهن پر مضمون جي اعتبار سان ٻنهي ۾ فرق آهي۔ اهڙي طرح پنهنجي مضمون جي لحاظ کان سورت فاتحه قرآنِ ڪريم جي باقي تمام سُورتن کان وڌيڪ فضيلت واري  آهي۔([1])

سورت فاتحه اَفضَل ترين سُورت آهي

صحابيء رسول حضرت ابو زيد رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري رات جو وقت هو، مان پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏجي مديني پاڪ جي هڪ گهٽي مان لنگھي رهيو هئس، اوچتو هڪ گھر مان آواز آيو، هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه تهجد جي نماز ۾ سورت فاتحه جي تلاوت ڪري رهيو هو، ان کي ٻڌي رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيهي رهيا ۽ سورت فاتحه جي تلاوت ٻڌڻ لڳا، جڏهن صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه سورت فاتحه مڪمل پڙھي ورتي ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَافِي الْقُرْآنِ مِثْلُها يعني قرآنِ مجيد ۾ هن جھڙي ٻئي ڪا سُورت نه آهي.([2])

سورت فاتحه جو تعارُف

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سورت فاتحه قرآنِ ڪريم جي مختصر سُورت آهي، هن ۾ 1 رڪوع، 7 آيتون، 27 ڪلما (يعني الفاظ) ۽ 140 اکر آهن۔ امام مجاهد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سورت فاتحه مدينه منوره ۾ نازِل ٿي۔ هڪ قول هي آهي ته سورت فاتحه 2 ڀيرا نازِل ٿي، 1 ڀيري مڪي پاڪ ۾ ۽ 1 ڀيري مدينه منوره ۾۔([3])


 

 



[1]...تفسیر الفاتحۃ لابن رجب، صفحہ:38۔

[2]...معجم اوسط، جلد:2، صفحہ:158، حدیث:2866۔

[3]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:1، سورۂ فاتحہ، جلد:1، صفحہ:37ملتقطاً ۔