Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
عرض ڪيم: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون هي آيت پڙھي آهي، آينده ايئن نه ڪندس (يعني آئنده نماز ۾ به هوندس توهان جي سڏ تي يڪدم حاضِر ٿيندس)۔ پوءِ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا مان توهان کي قرآن شريف جي اهڙي سُورت سيکاريان جو ان جي مثل سُورت نه تورات ۾ آهي، نه انجيل ۾، نه زبور ۾ ۽ نه ئي قرآنِ مجيد جي باقِي سُورتن ۾ اهڙي ڪا سُورت آهي؟ عرض ڪيم: ڇو نه (يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ضرور سيکاريو) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: توهان نماز ۾ ڇا تلاوت ڪندا آهيو؟ ان تي حضرت اُبي بن ڪعب رَضِىَ اللهُ عَنۡه سورت فاتحه جي تلاوت شروع ڪئي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي، بيشڪ هي ئي اها سُورت آهي جو ان جي مثل سُورت نه تورات ۾ آهي، نه انجيل ۾ آهي، نه زبور ۾ ۽ نه ئي قرآنِ ڪريم جي باقي سُورتن ۾، بيشڪ اها ئي سَبعِ مَثاني (يعني بار بار پڙھي ويندڙ 7 آيتن جي سورت) آهي۔([1])
تَاجوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي اُصُول جي اَصل آهي۔
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هنن ٻنهي واقعن مان هڪ نهايت ايمان افروز ۽ عشق ڀريو مدني گل سکڻ لاءِ مليو، اهو هي ته جيڪڏهن عين نماز جي حالت ۾ الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن کي ياد فرمائن ته نماز جيتري پڙھي ورتي آهي، اتي ڇڏي يڪدم بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيڻ واجِب آهي۔
الله اڪبر! هن مان معلوم ٿيو؛ بيشڪ نماز افضل عبادت آهي پر نور واري آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ حاضري هن کان به وڌيڪ اَهم ۽ اَفضَل آهي۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: نماز دوران جيڪڏهن رسولِ اڪرم، نورِ