Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

هو عِلم دِين نه ڄاڻندو هو، بَس عقل جا گھوڙا ئي ڊوڙائيندو رهيو، ڪيئي ڏينهن سوچ ويچار کان بعد ان فيصلو ڪيو ته ڪائنات سج جي ذريعي هلي رهي آهي، سج ئي جي ذريعي ڏينهن رات جي تبديلي ٿئي ٿي، سج جي ذريعي فصل پچي ٿو، سج ئي جي ذريعي خوراڪ ملي ٿي، لهٰذا سج ئي خُدا آهي۔ اَسْتَغْفِرُ الله! اَسْتَغْفِرُ الله!

ان بدبخت پنهنجي عقل جا گھوڙا ڊوڙايا، شيطان ان کي شرڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ هو سج جي پُوڄا ڪرڻ لڳو۔

ڏسو! بادشاھ رَبّ جي معرفت (سڃاڻپ) نه رکندو هو، ان کي الله پاڪ جي صفتن جو عِلم نه هو، خُدا جي شان ۽ عظمت کان واقف نه هو، پنهنجي ئي طور تي سوچ ويچار ڪندي گمراھ ٿي ويو۔ معلوم ٿيو؛ مُرَاقبو ڪرڻ (يعني الله پاڪ جي طرف تَوَجُّھ رکڻ) جي لاءِ ضروري آهي ته الله پاڪ جي سڃاڻپ به هجي، ان جي شان ۽ عظمت به معلوم هجي۔

سورت فاتحه ۽ الله پاڪ جون صفتون

الله پاڪ سورت فاتحه جي شروع ۾ پنهنجي صفتن کي بيان فرمايو آهي:

اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَۙ(۱) الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِۙ(۲) مٰلِكِ یَوْمِ الدِّیْنِؕ(۳) (پاره:1،سورت فاتحه:1تا3)     

ترجموڪنزُ العرفان:  سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن. جيڪو سڄي جهان جو پالڻهار آهي. نهايت مهربان رحمت وارو جزا جي ڏينهن جو مالڪ

معلوم ٿيو حقيقي رَبّ اهو آهي جيڪو تمام تعريفن جو مالِڪ آهي، هو هر نقص کان، هر عيب کان پاڪ آهي، خوبين وارو آهي، اهو ئي آهي جيڪو تمام جهانن جو پالڻهار آهي، پٿر ۾ سُرڻ واري بلڪل ننڍڙي جيت کي به اهو ئي رزق ڏي ٿو ۽ هاٿي جهڙي وڏي جانور کي به اهو ئي رزق عطا فرمائي ٿو،