Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
الله پاڪ فرمائي ٿو: هي منهنجي ٻانهي جي لاءِ آهي ۽ منهنجي ٻانهي جي لاءِ اهو ئي آهي جنهن جو ان سُوال ڪيو۔([1])
سُبْحٰن الله! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور فرمايو! هي ڪيتري عظيم فضيلت آهي۔ سورت فاتحه جون 7 آيتون آهن، ٻانهو هڪ هڪ آيت پڙھندو ويندو آهي، الله پاڪ ان کي ٻڌندو به آهي ۽ هر هر آيت تي جواب به عطا فرمائيندو آهي۔ علَّامه اِبنِ رجب حنبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي (يعني ٻانهي جو سورت فاتحه پڙھندو وڃڻ ۽ الله پاڪ جو جواب عنايت فرمائڻ، هي) سورت فاتحه جي خاص فضيلت آهي جيڪا هن کان عِلاوه ڪنهن سُورت جي نه آهي۔([2])
سورت الفاتحه جي مضمونن جو بيان
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! سورت فاتحه اها عظيم سورت آهي جو ان جي صرف 7 آيتن ۾ پُوري قرآنِ ڪريم جو خلاصو بيان ڪيو ويو آهي بلڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جنهن سورت فاتحه جي تِلاوت ڪئي اهو ايئن آهي جيئن ان تورات، زبور، انجيل ۽ قرآنِ پاڪ (يعني چئن وڏن آسماني ڪتاب) جي تلاوت ڪئي۔([3])
امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي: الله پاڪ 104 صحيفا نازِل فرمايا، انهن 104 صحيفن جا مضمون 4 وڏن آسماني ڪتابن تورات، زبور، انجيل ۽ قرآنِ ڪريم ۾ بيان فرمايا، پوءِ تورات، زبور ۽ انجيل جا سمورا عُلُوم قرآنِ مجيد ۾ بيان فرمايا ۽ پُوري قرآن شريف جا تمام عُلوم سورت