Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

چڪا آهن، لهٰذا هاڻي ڪوبه هن تي عَمَل نٿو ڪري سگھي۔

سُبْحٰن الله! صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان ڇا ته قسمت ماڻي هئي....! انهن کي ڪهڙي سعادت ميسر هئي..! صبح بيدار ٿيندا هئا ته آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ديدار ڪندا هئا، شام ٿيندي هئي ته رُخِ سرڪار (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي ديدار جو جام پيئندا هئا، عين حالتِ نماز ۾ به سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ياد ڪندا هئا ۽ صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضْوَان هٿ ٻڌي حاضِر ٿي خِدمت ڪندا هئا۔

افسوس! هڪ اسان آهيون، اسان جي نصيب ۾ اها سعادت ڪٿي...!!

مگر کریں کیا نصیب میں تو یہ نامرادی کے دِن لکھے تھے

الله پاڪ تمام صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيتِ اطهار عَلَيهمُ الرِّضْوَان تي ڪروڙين رحمتن جو نزول فرمائي۔ آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

ہر صحابئ نبی     جنتی جنتی       ہر صحابئ نبی     جنتی جنتی

چار یارِ نبی       جنتی جنتی       ابو بکر و عمربھی    جنتی جنتی

عثمانِ غنی      جنتی جنتی       فاطمہ اور علی     جنتی جنتی

حسن اور حسین بھی   جنتی جنتی       ہر صحابئ نبی     جنتی جنتی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سورت فاتحه جي اَفضَل سورت هئڻ مان مراد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل ٻن حديثن مان هي به معلوم ٿيو ته سورت فاتحه قرآنِ ڪريم جي اَفضَل ترين سُورت آهي۔ هتي هي ڳالھ چڱي طرح ياد رکو ته سڄو قرآن الله پاڪ جو ڪلام آهي، هن حيثيت سان سڄو قرآن ئي فضيلت وارو آهي۔ جڏهن هي چيو ويندو آهي ته فُلاڻي سُورت يا فُلاڻي آيت گھڻي فضيلت واري آهي ته هن جون ٻه معنائون ٿين ٿيون: (1): هي ته هن سُورت (مثلاً سورت فاتحه) کي پڙهڻ جو ثواب گھڻو آهي (2): ٻئي هي ته هن