Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

اهو ئي تمام جهانن جو رَبّ آهي، اهو رحمٰن به آهي، اهو رحيم به آهي ۽ اهو حقيقي رَبّ روزِ جزاء جو مالِڪ به آهي۔ هي آهي حقيقي رَبّ جي سڃاڻپ۔

(2):  ٻانهي جو پاڻ کي سڃاڻڻ

ٻئي شيء جيڪا مراقبي جي لاءِ ضروري آهي، اها هي ته ٻانهو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي، ڇوته جيڪو پاڻ کي نٿو سڃاڻي، هو پنهنجي مَن ۾ ئي مگن رهي ٿو۔ لهٰذا ٻانهو جيستائين پاڻ کي نه سڃاڻندو، ان وقت تائين هو الله پاڪ جي طرف مُتَوَجِّھ نه ٿي سگھندو۔

هاڻي ٻانهي جي سڃاڻپ ڪهڙي آهي؟ ٻانهي جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ هي آهي ته ٻانهو عاجِز آهي، ڪمزور آهي، هيڻو آهي، محتاج آهي۔ اسان کي بک لڳي ٿي، لهٰذا اسان کاڌي جون محتاج آهيون، اسان کي اُڃ لڳي ٿي، اسان پاڻي جون محتاج آهيون، اسان ڏسڻ جي لاءِ اکين جا محتاج آهيون، ٻڌڻ جي لاءِ ڪنن جون محتاج آهيون، پڪڙڻ جي لاءِ هٿن جون محتاج آهيون، ڳالهائڻ جي لاءِ زبان جون محتاج آهيون، سوچڻو هجي ته دِل ۽ دماغ جون محتاج آهيون، مطلب اسان هر هر ڪم ۾، هر هر معاملي ۾ محتاج آهيون۔

جڏهن انسان هي ڄاڻي وٺي ٿو ته مان هر وقت محتاج آهيان ۽ هي به ڄاڻي وٺي ٿو ته الله ئي رَبُّ العالمين آهي، تڏهن هو پنهنجي رَبّ جي حُضُور جھڪي ٿو ۽ عاجزي سان عرض ڪري ٿو:

اِیَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاكَ نَسْتَعِیْنُؕ(۴)  (پاره:1،سورت فاتحه:4)      

ترجموڪنزُالعرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.

ڏسو! انسان پنهنجي رَبّ جي بارگاھ ۾ عرض گذار آهي: موليٰ! مان تون کان مدد چاهيان ٿو۔ ڪهڙي معاملي ۾؟ هر هر معاملي ۾ * بک لڳل آهي * هن جي لاءِ کاڌو به گھرجي * هٿ به گھرجي * وات به گھرجي * ڏند به کپن * هي ساريون نعمتون ڪير ڏي ٿو، الله پاڪ ڏي ٿو، * اک * ڪن