Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ياد فرمائن، نماز کي اتي ڇڏي حاضِر ٿي وڃجي، هن سان ان جي نماز ٽٽندي نه، بلڪ هو جيتري دير رسولِ خُدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ حاضِر رهندو، اهو وقت به نماز ئي ۾ شُمار ٿيندو، پوءِ خدمتِ اَقْدس مان فارِغ ٿي واپس ايندو ته نماز اتان کان شروع ڪندو، جتان کان ڇڏي هئي۔ معلوم ٿيو؛ خِدمتِ سرڪار جو حڪم عام حالتن کان جُدا آهي، ڏسو! نماز دوران ڪنهن سان ڳالهائڻ، ڪنهن کي مخاطب ڪري ان کي سلام ڪرڻ، هن سان نماز ٽٽي ويندي آهي پر غور ڪريو! اسان جڏهن التَّحِيات پڙھون ٿيون ته عين حالتِ نماز ۾ رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مخاطب ڪري پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدْمت ۾ سلام پيش ڪريون ٿيون: اَلسَّلَامُ عَلَيْڪَ اَيُّهَا النَّبِيُّ (اي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان تي سلام هجي)۔ هن سلام ڪرڻ سان نماز ناهي ٽٽندي، بلڪ مڪمل ٿيندي آهي۔([1]) نماز ۾ التَّحِيات پڙھڻ واجِب آهي، سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇا خوب فرمائن ٿا:
ثابِت ہوا کہ جملہ فرائِض فروع ہیں اَصْلُ الْاُصُول بندگی اُس تَاجوَر کی ہے([2])
وضاحت: يعني معلوم ٿيو ته دين جا جيترا فرض آهن، نماز هجي، روزو هجي، حج هجي، زڪوٰة هجي، اهي سڀ فرض اصَل ۾ شاخون آهن، ڪنهن جون؟ غلاميء مصطفيٰ جون، نبين جي سرور، رسولِ تَاجوَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بندگي، سندن غلامي هر اُصُول جي اَصل آهي۔
صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي قسمت کي سلام!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هتان صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي عظمت جو به اندازو لڳايو! نماز جي حالت ۾ حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڏين ته وڃڻ واجب آهي، هي شريعت جو حڪم آهي ۽ هي شرعِي حڪم صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان ئي خاص هو، جيئن ته رحمت عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُنيا مان ظاهري پردو فرمائي