Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

ٻه (2) فرمانِ مصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: *  جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي ته جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسۡمِ اللهِ چوي. (المعجم الاوسط للطبراني ج 2 ص 59 حديث 2504) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحنّان فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله عَزَّ وَجَلَّ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو جو جنّ ان  (شرمگاهه) کي ڏسي نه سگھندا. (مراٰةالمناجيح ج1ص268) *  جيڪو شخص ڪپڙو پائي ۽ هي پڙهي: اَلْحَمْدُلِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. (ابوداؤد ج 4 ص 59 حديث 4023) *  جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ايضاً ص 326 حديث 4778) *  لباس حلال ڪمائي مان هجي. (ايضاً 41) *  پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ (ايضاً 43) *  اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو *  مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي. ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو.

 مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو،

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ