Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
فاتحه ۾ جمع فرمائي ڇڏيا، پَس جنهن سورت فاتحه جي تفسير کي سمجھي ورتو، ان ڄڻ تمام آسماني ڪتابن جو تفسير پڙھي ورتو۔ ([1])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اندازو ڪريو! سورت فاتحه ڪيتري جامع سُورت آهي، هن 7 مختصر آيتن ۾ ڪيترا عُلُوم گڏ ڪيا ويا آهن۔ ان ڪري ته مسلمانن جي چوٿين خليفي امير المؤمنين حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو فرمان آهي: جيڪڏهن مان چاهيان ته سورت فاتحه جي تفسير سان 70 اُٺ ڀري ڇڏيان۔([2])
سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ اُٺ ڪيئي مَڻ وزن کڻي ٿو ۽ هر مَڻ ۾ ڪيئي هزار اجزا هوندا آهن؟ هن جو حساب لڳايو وڃي ته هي اٽڪل 25 لک جِلدَ ٿيندا۔ هي فقط سورت فاتحه جو تفسير آهي، پوءِ باقي ڪلام عظيم جي تفسير کي شمار ڪرڻ ڏکيو آهي...!!([3])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حق ته هي آهي جو سورت فاتحه جي تمام عُلوم کي سمجھڻ، انهن کي بيان ڪرڻ اسان جھڙن جي وس جي ڳالھ نه آهي۔ البت عالم سڳورن خُوب غور و فِڪر ڪري، قرآن و حديث ۽ عِلمِ دين جا وڏا وڏا ڪتاب سامهون رکندي سورت فاتحه جو هڪ مرڪزي مضمون بيان ڪيو آهي، اهو ڇا آهي؟ اهو آهي: مُرَاقَبَةُ الْعِبَادِ لِرَبِّهمْ يعني ماڻهو جو پنهنجي رَبّ جي لاءِ مُرَاقَبو ڪرڻ۔([4]) هي سورت فاتحه جو مرڪزي مضمون آهي يا کڻي ايئن چئجي ته بنيادي طَور تي سورت فاتحه ۾ جيڪا شيء اسان کي سيکاري وئي آهي، اها هي مُرَاقَبَو آهي۔