Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

بيان ٻڌڻ جون نيتون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿيون. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي.[1] لهٰذا پنهنجي حسبِ حال سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکنديس * سڄو بيان ٻڌنديس * اَدب سان ويهندس * تَوَجّهه سان ٻُڌنديس * پنهنجي اصلاح جي لاءِ بيان ٻڌنديس * جيڪو ٻُڌنديس ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قرآنِ ڪريم جي اَفضَل ترين سُورت

حضرت ابوسعيد بن مُعَلّٰي رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابيء رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان نماز پڙھي رهيو هئس، الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي ڀرسان لنگھيا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي آواز ڏنو، مان جيئن ته نماز پڙھي رهيو هئس، تنهنڪري هڪدم حاضِر نه ٿي سگھيس، جلدي ۾ نماز مڪمل ڪري پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ حاضِر ٿيس، ان تي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: توهان کي ڪهڙي شيء مون وٽ اچڻ کان روڪيو؟ عرض ڪيم: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان نماز پڙھي رهيو هئس، ان ڪري حاضر نه ٿي سگھيس۔ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا الله پاڪ هي ناهي فرمايو؟

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اسْتَجِیْبُوْا لِلّٰهِ وَ لِلرَّسُوْلِ اِذَا دَعَاكُمْ لِمَا یُحْیِیْكُمْۚ-  (پاره:9،سورت انفال:24)

ترجموڪنزُالعرفان: اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول جي درٻار ۾ حاضر ٿي وڃو جڏهن هو توهان کي ان شيءِ جي لاءِ گهرائي جيڪا توهان کي زندگي بخشيندي آهي.


 

 



[1]... المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942