Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
هي ٻُڌي بادشاھ پنهنجي غُلامن کي مخاطب ڪري فرمايو: ڏسي وٺو! توهان سڀئي پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ مَصرُوف رهو ٿا، توهان جو ڌيان پاڻ ڏانهن رهي ٿو، پر هي منهنجو اهو غُلام آهي جنهن جو ڌيان هر وقت مون ڏانهن هوندو آهي، مان ڇا ڏسي رهيو آهيان، مان ڇا ڪري رهيو آهيان، منهنجي نظر ڪهڙي پاسي کڄي رهي آهي، هي ان تي تَوَجُّھ رکي ٿو، اهو ئي سبب جو مان ان کان گھڻي محبت ڪريان ٿو۔([1])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اهو ئي مُرَاقبو آهي. * ٻانهي جو تَوَجُّھ هر وقت پنهنجي رَبّ جي طرف رهي * ٻانهو گھر ۾ آهي، تڏهن به ان جو توجھ رَبّ جي طرف هجي * ٻانهو ٻاهر هجي تڏهن به ان جو تَوَجُّھ رَبّ جي طرف هجي، مطلب هر وقت، هر حال ۾ ٻانهي جي تَوَجُّھ رَبّ جي طرف رهي، هي مراقبو آهي۔
سورت فاتحه ۽ مُرَاقبه جي تعليم
مراقبه جي لاءِ ٻن شين جي ضرورت (هوندي) آهي؛(1): ٻانهي جو پنهنجي رَبّ کي سڃاڻڻ (2): ٻانهي جو پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ۔
جنهن کي خبر ئي نه هجي ته منهنجو رَبّ ڪير آهي؟ ان جون صِفتون ڪهڙيون آهن؟ ان جو شان ڇا آهي؟ اهو انسان ڀٽڪي ويندو آهي۔ يمن جو هڪ بادشاھ هو، ان کي الله پاڪ طاقت عطا فرمائي، قُوَّت بخشي، وڏي سلطنت عطا ڪئي، ان تي نعمتن جي برسات ٿي، هو پنهنجي فوج سان گڏجي علائقا فتح ڪندو ويو، ڪندو ويو، ايستائين جو ان جي سلطنت پري پري تائين ڦهلجي وئي۔ هڪ ڏينهن ان کي خيال آيو؛ هي ڪائنات ڪيئن هلي رهي آهي؟ هن کي هلائڻ وارو ڪير آهي؟ ڏينهن ڪيئن اچي ٿو؟ رات ڪيئن ٿيندي آهي؟ اسان کي ايتري طاقت ۽ قُوَّت ڪٿان کان ملندي آهي؟