Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen

جي گھروارن مان ڪو بيمار ٿي پوندو هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قرآنِ مجيد جي آخري 2 سورتون (سورت فلق ۽ سورت وَالنّاس) پڙھي دم ڪندا هئا۔([1])

هڪ ڀيري رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ مريض حاضِر ٿيو ته حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلام ڪجھ ڪلمات پڙھي کين دم ڪيو۔([2])

سُبْحٰن الله! معلوم ٿيو؛ قرآني آيتون ۽ مُقَدَّس ڪلمات پڙھي دم ڪرڻ اسان جي آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي به سُنّت آهي، صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي به سُنّت آهي ۽ ملائڪن جي سردار حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلام جي به سُنّت آهي۔ ها! ڪجھ حديثن ۾ تعويذ پائڻ کان منع ڪيو ويو آهي، هن مان مراد اهي تعويذ آهن، جيڪي ناجائِز لفظن تي مشتمل هجن جيڪي زمانهء جاهليت ۾ ڪيا ويندا هئا۔ هن کان عِلاوه قرآني آيتون، مُقَدَّس الفاظ، الله پاڪ جي مبارڪ نالن ۽ مختلف دُعائن جي ذريعي دَم ڪرڻ، ڪاغذ تي لکي يا لکرائي ڳلي ۾ وجھڻ بلڪل جائِز آهي۔([3])

روحاني عِلاج جو ذِهن بڻايو!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الحمد لله! سڄو قرآن خاص ڪري سورت فاتحه ۾ هر مرض جي شِفَا آهي۔ اسان ڊاڪٽرن وٽ وڃون ٿيون، حڪيمن، طبيبن کان عِلاج ڪرايون ٿيون، جيڪڏهن هن ۾ ڪا خِلافِ شرع ڳالھ نه هجي ته هي عِلاج ڪرائڻ بلڪل جائِز آهي۔ البت اسان کي رُوحاني عِلاج جو به ذِهن بنائڻ گھرجي۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مخلوق جي حمد کان پهريان الله پاڪ پاڻ پنهنجي حمد فرمائي، هن حمد جي ذريعي عِلاج ڪريو! صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اها ڪهڙي حمد آهي؟ فرمايائون: سورت فاتحه ۽ سورت اِخلاص۔ پوءِ


 

 



[1]...مسلم، کتاب السلام، باب رقیۃ المریض، صفحہ:866، حدیث:2192۔

[2]...مسلم، کتاب السلام، باب الطب والمرض، صفحہ:864، حدیث:2185۔

[3]...بہارِ شریعت، جلد:3، صفحہ:419و420، حصہ:16بتقدم وتاخر۔