Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi
ڪڏهن به اُڃ نه لڳڻ جو انوکو راز
حضرت ابو محمد عبدُالله مُهتَدِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون حج جي سعادت حاصِل ڪئي۔ حرم شريف ۾ هڪ شخص جي باري ۾ ٻڌو ته هي پاڻي نٿو پي سگهي! مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو، مون ان کان ملاقات ڪري ان جو سبب پڇيو ته ٻڌايائين: مان حِلّه جو رهاڪو آهيان، هڪ رات مون خواب ۾ قِيامت جو هوش اڏائيندڙ منظر ڏٺو ۽ اُڃ جي شدّت سان پاڻ کي بيتاب ڏٺم ۽ ڪنهن طرح حُضُورِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حوض مبارَڪ تي پهچي ويس، اتي حضرتِ ابو بڪر صدِّيق ، حضرت عمر فاروقِ اعظم، حضرتِ عثمانِ غني ۽ حضرت موليٰ علي شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنۡهم موجود هئا ۽ ماڻهن کي پاڻي پيئاري رهيا هئا۔ مان حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمت ۾ حاضِر ٿيس، ڇوته مون کي سندن تي وڏو ناز هو، مان ساڻس گھڻي مَحَبَّت ڪندو هئس ۽ ٽنهي خليفن کان کين افضل سمجھندو هئس، پر هي ڇا! پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه مون کان چهرو مبارَڪ ئي ڦيري ڇڏيو! جيئن ته تمام گھڻي اُڃ لڳل هئي، مان واري واري سان ٽنهي خليفن وٽ به ويس، هر هڪ مون کان چهرو ڦيري ڇڏيو۔ ايتري ۾ منهنجي نظر مديني جي تاجور، سلطانِ بحر و بر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي پئي، سندن بارگاھ انور ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيم: يارَسُوْلَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! موليٰ علي مون کي پاڻي ناهي پيئاريو بلڪه پنهنجو چهرو ئي ڦيري ورتو۔ ارشاد ٿيو: هو توکي پاڻي ڪيئن پيئاريندا! تون ته منهنجي صَحابي سڳورن سان بُغْض رکين ٿو! اِهو ٻڌي مون کي پنهنجي عقيدي جي غَلَط هئڻ جو يقين ٿي ويو ۽ مون نهايت شرمساري سان حُضُور تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ هٿن تي سچّي توبه ڪئي، سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي هڪ پيالو عنايت فرمايو جيڪو مون پيء ورتو، پوءِ منهنجي اک کلي پئي۔ اَلحمدُ لِله! جڏهن کان دستِ مصطَفٰي سان پيالو پيتو آهي، مون کي بِلڪل اُڃ ناهي لڳندي۔ هن خواب کان بعد مون پنهنجي اهل و عِيال کي توبه جي تلقين ڪئي انهن مان جن توبه ڪري مسلڪ اهلِ سنّت و جماعت قَبول ڪيو مون انهن سان تعلق قائم رکيا، باقين سان ناتا ٽوڙي ڇڏيا۔([1])