Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

روزو ٽوڙڻ واريون شيون

* کائڻ، پيئڻ يا همبستري ڪرڻ سان روزو ٽُٽي پوي ٿو جڏهن ته روزيدار هجڻ ياد هجي * حقو، سگار، سگريٽ، چرس وغيره ڇڪڻ سان به روزو ٽُٽي پوي ٿو۔ جيتوڻيڪ پنهنـجي خـيال ۾ نِڙيءَ تائين دونهون نه پهتو هجي۔ * ڏندن مان رت نڪري نِڙيءَ کان هيٺ لٿو ۽ رت ٿُڪَ کان وڌيڪ يا برابر يا گھٽ هيو پر ان جو مزو نِڙيءَ ۾ محسوس ٿيو ته روزو ٽُٽي پيو ۽ جيڪڏهن گھٽ هيو ۽ مزو به نِڙيءَ ۾ محسوس نه ٿيو ته روزو نه ويو۔  * گرڙي ڪري رهيو o اراپيارال جي مدنيهيو۔ بنا ارادي جي پاڻي نِڙيءَ کان هيٺ لٿو يا نڪ ۾ پاڻي چاڙهيو ۽ دماغ ڏانهن چڙهي ويو ته روزو ٽُٽي پيو پر جيڪڏهن روزيدار هجڻ ڀُلجي ويا هُجو ته نه ٽُٽندو، جيتوڻيڪ k، جيتوڻيڪشرعي غلطي ملي ته ڪنهن   ڄاڻي واڻي ٿئي۔ ائين ئي روزيدار ڏانهن ڪنهن ڪا شيءِ اڇلائي، اها ان جي نِڙيءَ ۾ هلي وئي ته روزو ٽُٽي پيو۔  * وات ۾ رنگين ڌاڳا وغيره رکيا جنهن سان ٿُڪَ رنگين ٿي وئي پوءِ اها ئي رنگين ٿُڪَ ڳيهي ويؤ ته روزو ٽُٽي پيو * ڳوڙها وات ۾ هليا ويا ۽ توهان ڳهي ويؤ۔ جيڪڏهن قطرو يا ٻه قطرا آهن ته روزو نه ويو ۽ وڌيڪ هئا ۽ ان جي چَهراڻ پوري وات ۾ محسوس ٿي ته ٽُٽي پيو۔ پگهر جو به اهو ئي حڪم آهي. (فیضان رمضان، صفحہ:131 تا132)

 ماھ رمضان جي متعلق تفصيلي احڪام ۽ مسائل ڄاڻڻ جي لاءِ  شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو مايه ناز ڪتاب ”فيضان رمضان“ پڙهي وٺو!

 الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرماءِ۔          آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد