Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi
حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو عمل مبارڪ
مسلمانن جي پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي مبارڪ عادَت هئي ته پاڻ حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي نگاھ ڄمائي ڏسندا هئا۔ هڪ ڏينهن سندن شهزادي اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها عرض ڪيو: بابا سائين! مون ڏٺو آهي ته اوهان جڏهن حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ڏسو ٿا ته ڏسندا ئي وڃو ٿا، هن جو ڇا سبب آهي؟ حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو: ڌيء! مون الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو آهي ته بيشڪ علي جي چهري کي ڏسڻ عبادت آهي۔ ([1])
هاڻي هي واري عِبَادت (ته حضرت علي کي ڏسڻ عبادت آهي هي ته) صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ڪئي يا خُوش نصيب تابعين کي به نصيب ٿي، اسان جي نصيب ۾ اها سَعَادت ڪٿي آهي...! ڪاش! حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪرم فرمائين، خواب ۾ ئي تشريف کڻي اچن ۽ اسان گُنَاھگارن کي ديدار جو جام پيئڻ نصيب ٿئي۔
شَبَّرو شبِّیر کے بابا مجھے دیدار ہو خواب میں اب آپکا مولیٰ علی مشکل کُشا
(حديث:3) علي جي محبت ايمان جي نشاني آهي
مُسلم شريف جي حديثِ پاڪ آهي ۽ ان جا راوِي (يعني حديث بيان ڪرڻ وارا) پاڻ حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه آهن، فرمائن ٿا: مون کي اُن ذات جو قسم! جيڪو ٻج کي چيريندو(يعني ٻج مان وڻ ڪڍندي) ٿو، ان ذات جو قسم! جنهن رُوح کي پيدا ڪيو، بيشڪ نبي اُمِّي، رسولِ هاشمي، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ