Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

وارن تمام مسلمانن جا موليٰ (يعني محبوب ۽ مددگار) آهن، لهٰذا حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه به قيامت تائين ايندڙ هر هر مسلمان جا محبوب ۽ مددگار ٿيا، جڏهن هو اسان جا مددگار آهن ته انهن کان مدد گھرڻ ڇو ناجائِز ٿئي سگهي ٿو۔ لهٰذا ڪا مشڪل اچي، پريشاني اچي، ڏُک، دَرد، غم مصيبت اچي ته يا عَلِي مدد پُڪاريو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم! موليٰ علي مُشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنۡه ضرور ڪرم فرمائيندا ۽ بگڙيل ڪم به ٺاهيندا۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم!

کیوں نہ مشکل کشا کہوں تم کو!                             تم نے بگڑی مری بنائی ہے

نادِ علي جون برڪتون

شاھ محمد غوث گوالياري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڪتاب آهي: جواهرِ خمسه۔ هن ڪتاب ۾ وظيفا پڻ لکيل آهن، تمام گھڻو مشهور ڪتاب آهي، وڏن وڏن عالم سڳورن، اولياءِ ڪرام ايستائين جو پاڪ و هند جي تمام وڏي مُحَدِّث شاھ وَلِي الله مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن ڪتاب ۾ لکيل وظيفن جون اجازتون ڏنيون آهن، سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه به هن ڪتاب جي واکاڻ ڪئي آهي۔ هن ڪتاب ۾ نادِ عَلِي پڙھڻ جي به ترغيب موجود آهي۔ نادِ علي هي آهي:

نَادِ عَلِیًّا مَّظْہَرَ الْعَجَائِبِ تَجِدْہُ عَوْنًا لَّکَ فِی النَّوَائِبِ کُلُّ ہَمٍّ وَّ غَمٍّ سَیَنْجَلِیْ بِنَبُوَّتِکَ یَا مَحَمَّدُبِوَلَایَتِکَ یَاعَلِیُّ یَا عَلِیُّ یَا عَلِیُّ

 ترجمو: حضرت علي کي پُڪاريو جيڪي عجائب جا مظهر آهن، کين تمام مصيبتن ۾ پنهنجو مددگار لهندين، هر رنج ۽ غم پري ٿي ويندو،نبي ڪريم   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نبوت سان ۽ سندن توھان جي وِلايت سان ياعَلِي! يا عَلِي! ياعَلِي!([1])

عالم سڳورن لکيو آهي: جنهن کي ڪا مشڪل اچي، پريشاني ٿئي،


 

 



[1] ... جَواہرِ خمسہ مُتَرجَم،صفحہ:282 ۔