Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

بيماري ٿي وڃي، رنج و غم ستائن، ڪو وڏو مقصد هجي، اهو نادِ علي پڙھي، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم! هن جي برڪت سان پريشانيون، رنج و غم پري ٿيندا، مشڪلاتون ختم ٿينديون ۽ مقصد ۾ ڪاميابي ملندي۔

اي عاشقانِ رسول! جيڪڏهن اوهان پاڻ نادِ علي لکي نٿا سگهو يا اوهان جي لاءِ پڙهڻ مشڪل آهي، ته دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو آهي: روحاني علاج جتي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڏکياري امت جي غمخواري ڪندي رضاءِ الٰهي جي حصول جي لاءِ تعويذآت عطاريه به ڏنا ويندا آهن. ۽ اوراد و وظائف ۽ روحاني علاج به ٻڌايا ويندا آهن. ڪيئي مشڪلاتن ۽ بيمارن جي ڪاٽ ڪئي ويندي آهي. آن لائن استخارو ڪيو ويندو آهي. ۽ روحاني علاج ٻڌايا ويندا آهن، اُتان نادِ علي حاصل ڪري سگهجي ٿو.

میں گُنَاہوں کا مریض اور آپ ہیں میرے طبیب            دیجئے! مجھ کو شفا مولیٰ علی مشکل کُشا

مغفرت کروائیے! جنّت میں لے کے جائیے!            واسِطہ حسنین کا مولیٰ علی مشکل کُشا

اشکبار آنکھیں عطا ہوں، دِل کی سختی دُور ہو             دیجئے خوفِ خُدا مولیٰ علی مشکل کُشا

                                بھیک لینے کے لئے دربار میں منگتا ترا              لے کے کشکول آگیا مولیٰ علی مشکل کُشا

       کیوں پِھروں در در بھلا خیرات لینے کے لئے            میں     فقط     منگتا     تِرا     مولیٰ     علی     مشکل     کُشا ([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

(حديث:2) حضرت علي کي ڏسڻ عبادت آهي

حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلنَّظْرُ اِليٰ وَجْهِ عَلِي عِبَادَۃٌ علي جي چهري کي ڏسڻ عبادت آهي۔ ([2])

سُبْحٰنَ الله! ڪيترو نه عظيم شان آهي۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: هي حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خصوصي فضيلت آهي۔ ([3])


 

 



[1] ...وسائِل بخشش،صفحہ:522و 523 و 524۔

[2] ... مستدرک، کتاب معرفۃ الصحابۃ، باب النظرالی علی عبادۃ،جلد:4،صفحہ :118،حدیث:4737۔

[3] ... مستدرک، کتاب معرفۃ الصحابۃ، باب النظرالی علی عبادۃ،جلد:4،صفحہ :118،حدیث:4737۔