Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

جب دامنِ حضرت سے ہم ہو گئے وابَستہ             دنیا کے سبھی رشتے بیکار نظر آئے

پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان خبر پئي ته سچي مسلمان جي سڃاڻپ هي آهي ته هو تمام صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي عظمت ۽ شان جو دل سان اعتراف ڪندو آهي۔ جيڪڏهن ڪو شخص ڪجھ صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان مَحَبّت ۽ ڪجھ سان بُغض رکي ٿو ته اهو سخت غلطي تي آهي۔ الله پاڪ اسان کي سڀني صَحابي سڳورن ۽ اهلِ بيتِ عِظام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان سان سچي مَحَبّت و عقيدت عنايت فرمائي۔ هن تي استِقامت بخشي ۽ انهيء اُلفت ۽ اِرادَت جي حالت ۾ زيرِ گنبدِ خضرا جلوهء محبوب ۾ شهادت، جنَّتُ البقيع ۾ مدفن ۽ جنّت الفِردوس ۾ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن پيارن جو پاڙو عنايت فرمائي۔      آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَحابہ کا گدا ہوں  اور اہلِ بیت کا خادم      یہ سب ہے آپ ہی کی تو عنایت یا رسولَ اللہ! ([1])

(2): محبتِ علي جي ٻي تقاضا

مشهور مُحَدِّث، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سچّي محبت جي هڪ نشاني هي آهي ته عملن ۾ سندن جي پيروي ڪجي، مُخَالفت نه ڪجي۔ ([2])

مطلب هي آهي ته جيڪو شخص جنهن سان محبّت ڪري ٿو، ان جون ادائون به اپنائي ٿو، لهٰذا جيڪو حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان محبت ڪري ٿو، اهو رڳو خالي دعويٰ ئي نه ڪري بلڪه سيرت ۾، ڪردار ۾، گفتار ۾ حضرت موليٰ


 

 



[1] ...وسائِل بخشش،صفحہ:330۔

[2] ... مرآۃالمناجیح،جلد:8 ،صفحہ:414۔