Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

ماڻهن جا حق پُورا ڪريو!

 پيارا اسلامي ڀائرو! ٻيو مدني گل جيڪو هن واقعي مان اسان کي سکڻ لاءِ مليو اهو هي ته حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کجورون وڪڻڻ واري کي فرمايو: توهان مون کي راضي ڪرڻ چاهيو ٿا ته ماڻهن جا حق پورا ڪريو۔

هن مان معلوم ٿيو ته ماڻهن جا حق پُورا ڪرڻ وڏي فضيلت ۽ اهميت وارو ڪم آهي، اسان سڀني کي گھرجي ته ٻانهن جا حق پُورا ڪريون۔ والدين جا به حق آهن، ڀينرن ڀائرن جا به حق آهن، اسلام پاڙيسرين جا به حق رکيا آهن، دوست احباب جا به حق رکيا آهن، علائقي وارن جا به حق آهن، دُڪاندار جا به حق آهن، گراهڪ جا به حق آهن، انهن سڀني جا حق پُورا ڪرڻا آهن۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم!

امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه احياءُ العلوم جي ٻئي جلد ۾ تفصيل سان ٻانهن جا حق بيان ڪيا آهن۔ اتان کان حقن بابت پڙھي وٺندؤ ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم! حق پورا ڪرڻ جو ذهن به بڻجندو ۽ هن باري ۾ ڪافِي معلومات به حاصِل ٿي ويندي۔

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔   آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو مختصر تعارُف

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه مسلمانن جو چوٿون خليفو هو، پاڻ 13 رَجَبُ المُرَجَّب تي مڪي پاڪ ۾ پيدا ٿيا، 10 سالن جي عمر مبارڪ ۾ اسلام قبول ڪيائون،([1]) سندن امڙ سائڻ سندن نالو حيدر جڏهن ته والد سندن نالو علي رکيو، رسولِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سندن کي اَسَدُ الله جي لقب سان نوازيو، اَسَدُ الله جي معني آهي: شيرِ خُدا يعني الله پاڪ جو شينهن۔ ([2])

علی المرتضیٰ شیرِ خُدا ہیں          کہ ان سے خوش حبیبِ کبریاں ہیں


 

 



[1] ... کراماتِ شیر خدا،صفحہ:12 ملخصاً۔

[2] ... مرآۃ المناجیح،جلد:8 ،صفحہ:412، ملخصاً۔