Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اها ڪرامت ڏسي ڪيترائي ڪافِر مسلمان ٿي ويا۔([1])

پئے حسین و حسن فاطمہ علی حیدر       ہمارے بگڑے ہوئے کام دے بنا یارَبّ! ([2])

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّيّات عملن جو دار ومدار نيتن تي آهي۔([3])

پيارا اسلامي ڀائرو! چڱي نيت اَفضَل ترين عَمَل آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! نيت ڪريو: * نگاهون هيٺ ڪري ڌيان سان بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين جي تعظيم جي خاطر جيتري دير ٿي سگھيو اَلتَّحِيات جي شڪل ۾ (يعني جهڙي طرح نماز ۾ اَلتَّحِيات پڙھڻ جي لاءِ ويهندا آهيون، اهڙي طرح) ويهندس * بيان کان بعد پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس * هٿ ملائيندس * ۽ نيڪي جي دعوت پيش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي راضي ڪرڻ جو طريقو

 حضرت علّامه محبُ الدِّين طَبري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روايت نقل ڪن ٿا، جنهن جو مضمون هي آهي ته مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خلافت جو دور هو، هڪ ڏينهن پاڻ بازار ويا، اتي پاڻ ڏٺائون ته عورت بيهي روئي رهي آهي، مولاءِ ڪائنات، موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان کان روئڻ جو سبب پڇيو ته ان چيو: مان ڪنيز (ٻانهيء) آهيان، مان فلاڻي دُڪان واري کان ڪجھ درهم جون کجورون خريد ڪيون هيون پر منهنجي مالِڪ کي اهي کجورون پسند نه آيون ۽ ان واپَس موٽائي ڏنيون، هاڻي دُڪان وارو کجورون واپس نه پيو وٺي، ان


 

 



[1] ...راحتُ القلوب، صفحہ:50۔

[2] ...وسائِل بخشش،صفحہ:76۔

[3]...بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔