Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi
ڪراچي (پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: اسان جي علائقي ۾ هڪ شرابي ڏينهن رات گُنَاهن ۾ مصروف رهندو هو ۽ گھڻو شراب پيئندو هو، هڪ ڏينهن هڪ اسلامي ڀاءُ ان کي دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اِجتماع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني۔ ان جي خوش نصيبي جو اهو اجتماع ۾ شريڪ ٿي ويو۔ ان جي وڌيڪ خوش نصيبي جو ان هفتيوار اجتماع ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه کي بيان ڪرڻو هو۔ ان شرابي شخص جڏهن رقت انگيز بيان ٻڌو ته ان جي دِل نرم ٿي وئي، خوفِ خُدا سبب ان جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، بيان کان بعد به هو گھڻي دير تائين ڪنڌ جھڪائي زار و قطار روئيندو رهيو۔ ان خوش نصيب پنهنجي گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ شيخِ طريقت اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي هٿ تي بيعت ٿي حضور غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مريدن ۾ شامِل ٿي ويو۔
اسی ماحول نے ادنیٰ کو اعلیٰ کر دیا دیکھو اندھیرا ہی اندھیرا تھا اجالا کر دیا دیکھو!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا