Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اها محبت جو محبت ڪرڻ وارو شريعت جون حَدون ٽوڙي، اها محبت نجات ڏيارڻ واري ناهي، نه ئي اها محبت ايمان جي نشاني آهي بلڪ هي ته هلاڪت ۾ وجھڻ واري محبت آهي۔ ها! حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اها محبت جيڪا شريعت جي دائري ۾ رهي ڪئي وڃي، اها سچّي محبت آهي، اها ئي محبت نجات ڏيارڻ واري به آهي ۽ هي ئي اها محبتِ علي آهي جنهن کي ايمان جي نشاني قرار ڏنو ويو آهي۔

هاڻي ذِهن ۾ سُوال اچي ٿو ته حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سچّي محبت ڪهڙي آهي؟ هن جي سڃاڻپ ڇا آهي؟ هن حوالي سان عالم سڳورن محبّتِ علي جون ڪي تقاضائون ۽ نشانيون لکيون آهن، انهن مان 2 هي آهن:

(1): محبّتِ علي جي پهرين تقاضا

محبَّتِ علي جي پهرين تقاضا يا پهرين نشاني هي آهي ته حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبّت سان گڏوگڏ سندن دوستن يعني صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان جي محبت به دِل ۾ موجود هجي، جيڪو شخص محبّتِ علي جي دعويٰ به ڪري ۽ صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان بابت گھٽ وڌ ڳالهائي، اهڙو شخص حضرت علي سان سچّي محبّت ڪرڻ وارو هرگز نٿو ٿي سگھي۔ ڏسو! حضرت علي المرتضيٰ شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه پاڻ فرمائن ٿا: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بعد سڀ کان بهتر اَبُو بَڪر ۽ عُمر آهن، پوءِ فرمايائون: لَا يَجْتَمِعُ حُبِّي وَ بُغْضُ اَبِي بَکْرٍ وَّ عُمَرَ فِي قَلْبِ مُؤْمِنٍ يعني منهنجي محبت ۽ ابو بڪر ۽ عمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهما جو بغض ڪنهن مؤمن جي دِل ۾ جمع نٿو ٿي سگھي۔([1])

 معلوم ٿيو؛ جيڪو شخص حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبّت جي دعويٰ ته ڪري پر حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡهُمَا کي بُرو ڀلو چوي، ان جي محبّت سچي نه آهي بلڪه اهو محبت جي دعويٰ ۾ ڪوڙو آهي۔


 

 



[1] ...معجم اوسط،جلد:3 ،صفحہ:79 ،حدیث:3920۔