Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

هئا، اسان به خوفِ خُدا اپنايون، ڪڏهن جهنّم جو تَصَوُّر ڪريون، ڪڏهن عذابات جو ذِڪر پڙھون، ڪڏهن قبرستان حاضِر ٿي فِڪرِ آخرت ڪريون ۽ خوفِ خُدا سان لڙڪ وهايون *حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي نفس جو محاسبو ڪندا هئا * سلام ۾ پهل ڪندا هئا * پرهيز گارن جو احترام ڪندا هئا * غريبن مسڪينن سان محبت ڪندا هئا، اسان کي به گھرجي ته اسان روزانو پنهنجي اَعمَال جو جائِزو وٺون، شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه نيڪ بڻجڻ جو بهترين نسخو يعني رسالو نيڪ اَعْمَال عطا فرمايو آهي، زهي نصيب! هي رسالو مڪتبة المدينه تان حاصِل ڪريو، جيڪڏهن چاهيو ته Naik Amaal نالي موبائِل ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو ۽ هن جي مطابق پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ جي عادت بڻايو * غريبن سان محبت به ڪريو * عالم سڳور ۽ نيڪ ماڻهن جي عزّت به ڪريو۔

حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پاڪيزه سيرت جون اهي اعليٰ وصفون اپنائينداسين ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم! موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي محبت به نصيب ٿيندي، هن ۾ اِضَافو به ٿيندو ۽ هي محبّت الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان نجات جو ذريعو به بڻجي ئي ويندي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع

اي عاشقانِ رسول! پنهنجي زندگي کي بامقصد بنائڻ، خوفِ خدا ۽ عشقِ رسول جي نعمت ماڻڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ ايمان جي حفاظت جي لاءِ تڙپڻ جو ذهن بنائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم! دِين و دُنيا جون کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم هفتيوار اجتماع به آهي۔ اچو! هفتيوار اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت جو ذِهن بنائڻ جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا: