Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

عاجزي وارا هئا، پاڻ اَمِيرُ المُؤمِنِين هئا، مسلمانن جا خليفه هئا، ان جي باوجود عام ماڻهن وانگر بنا ڪنهن پروٽوڪول جي بازار ويندا هئا، پوءِ هن ڳالھ تي به غور ڪريو ته ان شخص لا علمي ۾ کين مَعَاذَالله! ڌڪا ڏنا، هي بي ادبي وارو انداز هو، ان تي به پاڻ ان شخص کي ڪا سزا نه ڏني.

موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي عاجزي ۽ انڪساري

سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي به تَواضُع ۽ عاجزي جي دولت نصيب فرمائي۔ حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي باري ۾ روايتن ۾ آهي ته پاڻ پنهنجي دورِ خِلافت ۾ اميرُ المؤمنين ٿيڻ جي باوُجُود بازار ويندا هئا، اتي ڪنهن جي ڪا شيء ڪِري پوندي هئي ته پنهنجي هٿن سان کڻي ڏيندا هئا، ڪو شخص راھ ڀلجي ويندو هو ته ان کي راھ ٻڌائيندا هئا، ڪو وزني سامان کڻي رهيو هوندو هو ته سامان کڻڻ ۾ ان جي مدد ڪندا هئا. ([1])

ڪاش! اسان به عاجزي اِختيار ڪريون، مَنصب ملي ويو، وڏو عُهدو ملي ويو، اسان مالدار ٿي وياسين ته هن جو اِهو مطلب ناهي ته اسان تڪبر جو شِڪار ٿيون، غريبن کي ڏسي نرڙ تي گُهنج آڻيون، نه ايئن هر گز نه ڪرڻ کپي، مخلوقِ خُدا جي مدد ڪرڻ کپي، ماڻهن جي ڪم اچڻ گھرجي، غريبن جي مدد ڪرڻ گھرجي، اسان وٽ ماڻهو پنهنجو ڪم پاڻ ڪندي به ڪيٻائيندا آهن، ڪاش! مولاءِ ڪائنات، موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو صدقو اسان کي به عاجزي ۽ انڪساري جي دولت نصيب ٿي وڃي۔

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا       یا رَبّ!  مجھے  بنا دے  پیکر  تُو  عاجِزی  کا([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ!                                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] ... رياض النضرۃ ،باب الرابع فی مناقب امیر المؤمنین علی بن ابی طالب ،صفحہ:187،رقم:1652۔

[2] ...وسائِل بخشش،صفحہ:178۔