Shan e Ali Bazban e Nabi

Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi

علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پيروي به اختيار ڪري۔ مثال طور * حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه بي مثال عالِمِ دِين هئا، اسان کي به گھرجي ته اسان عِلمِ دين سکون، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم! شوَّال المڪرم ۾ جامعة المدينه جا داخلا شروع ٿي رهيا آهن، جامعه ۾ داخلا وٺو، عالِم ڪورس ڪريو، عالِم بڻجو، مفتي بڻجو، ان کان عِلاوه دعوتِ اسلامي تحت مختلف شارٽ ڪورسز (Short courses) ڪرايا ويندا آهن؛ فرض عُلوم ڪورس آهي، فيضانِ نماز ڪورس آهي، اِصلاحِ اَعمال ڪورس آهي، اهي ڪورس ڪريون، فيضان آن لائِن اڪيڊمي ۾ عِلمِ دين جا کوڙ سارا ڪورس آن لائِن به ڪرايا ويندا آهن، انهن ۾ داخِلو وٺو، هفتيوار مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪريو، هفتيوار رسالو پڙھو، تفسير صراط الجنان پڙھو، فيضانِ سُنَّت، فيضانِ نماز وغيره ڪتاب خريد ڪري پڙهو، دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ Islamic eBook Library جي نالي سان موبائِل ايپلي ڪيشن بڻائي آهي، هن ۾ مڪتبة المدينه جا تقريباً سڀئي ڪتاب موجود آهن، پنهنجي موبائِل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو، مفت ۾ ڪتاب ڊاؤنلوڊ ڪريو، پڙھو، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪرِيم! تمام گھڻو عِلمِ دين سکڻ لاءِ ملندو۔

* حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه حمايتِ دِين جي معاملي ۾ مضبوط ارادو رکڻ وارا هئا، تنهنڪري محبّتِ علي (رَضِىَ اللهُ عَنۡه) جي دعويٰ ڪرڻ وارن کي به گھرجي ته دِين جي خُوب خدمت ڪن، نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائن، بُرائي کان منع ڪن، خِدمتِ دِين جي لاءِ هميشه حوصلا بلند رکن ۽ وڌ کان وڌ دِينِ اسلام جي خدمت ڪندا رهن۔

* حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه حڪمت ڀري گفتگو ڪندا هئا، اسان کي به گھرجي ته فضول ڳالهين کان بچون، سٺو سوچيون ۽ سٺو ئي ڳالهايون * حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه رات جي اونداھي ۾ عِبَادت ڪرڻ کي پسند ڪندا هئا، اسان کي به گھرجي ته الله پاڪ جي خُوب عبادت ڪريون، فرض به پُورا ادا ڪريون، واجبات به پُورا ڪريون ۽ ان سان گڏوگڏ رات جي تنهائي ۾ به خُوب عِبَادت جو لطف ماڻيو * حضرت موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه خوفِ خُدا سان روئڻ وارا