Book Name:Shan e Ali Bazban e Nabi
حضرت موليٰ علي مشڪل ڪشا رَضِىَ اللهُ عَنۡه 21 رمضان المبارڪ تي شهادت جو جام پيتو۔([1])
اَصْلِ نَسْلِ صَفَا، وجہِ وَصْلِ خُدا بابِ فَضْلِ وِلایَت پہ لاکھوں سلام([2])
وضاحت: حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡه خالِص پاڪ سيدن جو اصل ۽ بنياد آهن، واصِل بِالله ٿيڻ (يعني الله پاڪ جو مُقَرَّب بڻجڻ) جو سبب ۽ ولايت جون فضيلتون ملڻ جو دروازو آهن۔ سندن رَضِىَ اللهُ عَنۡه تي لکين سلام هجن۔
اي عاشقانِ رسول! اچو! موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شان ۽ عظمت ۾ ڪجھ حديث سڳوريون ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪريون ٿا:
(حديث:1) جنهن جو مان موليٰ، ان جا علي موليٰ
حَجَّةُ الوَداع جو موقعو هو (اسان جي آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ظاهري زندگي مبارڪ ۾ جيڪو آخري حج ڪيو، ان کي حَجَّةُ الوَداع چيو ويندو آهي) ان موقعي تي پياري آقا، نُورِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حج جي ادائيگي کان بعد مديني پاڪ اچي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ مقام اچي ٿو جنهن کي غديرِ خُم چيو ويندو آهي۔ حضرت براء بن عازب رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: غديرِ خُم جي مقام تي رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيام فرمايو، هڪ وڻ جي ڇانو ۾ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ جڳھ صاف ڪئي وئي، اتي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ظهر جي نماز ادا ڪئي، نماز کان بعد الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان کي مخاطب ڪري فرمايو: اَلَسْتُمْ تَعْلَمُوْنَ اَنِّي اَوْلٰي بِالْمُؤْمِنِين مِنْ اَنْفُسِهم يعني (اي منهنجا صحابه!) ڇا توهان کي خبر ناهي ته مان مسلمانن جو انهن جي جان کان وڌيڪ مالڪ آهيان۔ صحابه ڪرام عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: بَلٰي يعني ڇو نه، (يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! يقيناً اوهان اسان کان وڌيڪ اسان جي جانن جا مالڪ